آءِ سي سي ايليٽ پئنل مان اڪيلي ڀارتي امپائر کي نيڪالي

 

دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ايليٽ پئنل مان اڪيلي ڀارتي امپائر روي کي ڪڍي ڇڏيو، جڏهن ته مائيڪل گف ۽ جوئيل ولسن کي شامل ڪيو ويو آهي.

انگلينڊ جي مائيڪل گف ۽ ويسٽ انڊين جوئيل ولسن کي آءِ سي سي ايليٽ پئنل آف امپائرز ۾ جاءِ ملي وئي، فيصلو امپائرز جي سالياني ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ آءِ سي سي جنرل مئنيجر  جيف ايلر ڊائيس جي سربراهي ۾ ڪم ڪندڙ سليڪشن ڪميٽي ڪيو، ان جي ٻين ميمبرن ۾ اڳوڻو ٽيسٽ ڪرڪيٽر سنجي منجريڪر، ميچ ريفريز رنجن مدوگالي ۽ ڊيوڊ بون شامل آهن.

گف 9 ٽيسٽ، 59 ون ڊي ۽ 14 ٽي ٽوئنٽي ۾ امپائرنگ ڪري چڪو آهي، ولسن 13 ٽيسٽ، 63 ون ڊي ۽ 26 ٽي ٽوئنٽي ميچز سپروائيز ڪيا آهن.

ٻئي امپائر ريٽائرڊ اي اين گولڊ ۽ ٻاهر ٿيل روي سندرام جو خال ڀريندا. پئنل ۾ هاڻ ڀارت جي نمائندگي ناهي رهي، ان ۾ موجود پاڪستان جو عليم ڊار سڀ کان تجربي ڪار آهي، هن 126 ٽيسٽ، 206 ون ڊي ۽ 43 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏيا، ٽنهي فارميٽس ۾ ڪنهن به ايليٽ امپائر جي ميچن جو انگ هن کان گھڻو آهي.

پئنل ۾ عليم ڊار، ڪمار ڌرما سينا، ماريس ايراسمس، ڪرس گيفاني، رچرڊ ايلنگورٿ، نائل لونگ، بروس آڪسفورڊ، رچرڊ ڪيٽل برو، پال رائفل، روڊ ٽڪر، مائيڪل گف ۽ جوئل ولسن شامل آهن.

آءِ سي سي جي سينيئر مئنيجر ايڊرائن گريفٿ جو چوڻ هو ته امپائرز جي ڪارڪردگي جو جائزو سموري سال ورتو ويندو آهي، وڏي خوش قسمتي جي ڳالهه آهي ته اسان سخت دٻاءَ واري ان ذميواري ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ واري آفيشلز سان حاصل رهيو، مائڪل گف ۽ جوئيل ولس اليٽ پئنل ۾ سٺي واڌ ثابت ٿيندا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.