اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻن سميت مختلف شخصيتن خلاف 9 انڪوائريز جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي چيئرمين نيب، پراسيڪيوٽر جنرل احتساب، ڊي جي آپريشن، ڊي جي راولپنڊي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ايگزيڪٽو بورڊ اڳوڻي ايڪسئن آپريشنز ٽيسڪو فاٽا سرڪل پشاور سيد اڪرام الله شاهه جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
جوابدار تي الزام آهي ته مبينا طور تي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي حيات آباد ۾ مخلتف اسٽيل ملز کي بجلي جا غير قانوني ڪنيڪشن فراهم ڪيا، جنهن سان قومي ناڻي کي 4 ڪروڙ 90 لک 7 هزار رپين جو نقصان ٿيو.
اجلاس ۾ 9 انڪوائرين جي به منظوري ڏني وئي، جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي گورنر سردار مهتاب احمد خان عباسي جي خلاف به انڪوائريز شامل آهن.
اهڙي ريت اڳوڻي سيڪريٽريز انڊسٽريز پنجاب خالد شير دل ۽ ٻين، ايس ڊي ايف او فاريسٽ سب ڊويزن مينگوره ۽ سوات محمد اقبال خان ۽ ٻين، خيبرپختونخواهه اوقات کاتي جي اهلڪارن ۽ آفيسرن ۽ ٻين، ڪوئيٽا جي تعليم کاتي جي انتظاميا ۽ ٻين، هاءِ ويز ڊيولپمينٽ ڊويزن خيرپور جي اهلڪارن ۽ آفيسرن، چيف ايگزيڪٽو آفيسر سکر اليڪٽرڪ پاور ڪنسٽرڪشن ڪمپني منور نذير عباسي ۽ ٻين، پبلڪ هيلٿ ڊويزن پنجاب ۽ پنجاب هاءِ ويز ڊپارٽمنٽ جي خلاف انڪوائرين جي منظوري ڏني وئي.
نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 4 انويسٽي گيشن جي به منظوري ڏني وئي جنهن ۾ آئل اينڊ گيس ڊيولپمينٽ ڪمپني لميٽڊ( او جي ڊي سي ايل) جي انتظاميا، خانگائڻ واري ڪميشن جي سرڪاري عهديدارن، ٽرسٽ انويسٽمنٽ بينڪ، وزارت اطلاعات ۽ نشريات جي آفيسرن ۽ اهلڪارن ۽ ٻين ماڻهن، گليات ڊيولپمينٽ اٿارٽي خيبرپختونخواهه جا اهلڪار ۽ شامل آهن.
اجلاس دوران نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو ته نيب احتساب سڀني جي لاءِ واري پاليسي تي سختي سان عمل پيرا آهي، قانون ۽ شاهدين جي بنياد تي وائٽ ڪالر ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ نيب جي پهرين ترجيح آهي.
هن چيو ته بدعنواني هڪ ناسور آهي جيڪو ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهي، نيب بدعنواني عنصرن، اشتهاري ۽ مفرور جوابدارن جي ڪيسن کي قانون جي موجب منطقي انجام تائين پهچائڻ جي لاءِ سموري وسيلا ڪتب آڻي رهيو آهي.