ڪاڇو آهي يا ڪربلا..!!

امتياز چانڊيو

مون جڏهن سوشل ميڊيا تي پاڻي ڍڪ لاءِ تڙپي تڙپي ساهه ڏيندڙ هڪ امڙ ۽ ان جي معصوم ٻچڙي جي لاش واري تصوير ڏٺي ته مون کي هڪ دفعو وري ڪاڇي واسين جا اهي ڳوڙها ۽ درد ڀريا جملا ياد اچي ويا، جيڪي ڪاڇي واسين سان فريد آباد شهر ۾ منهنجي دوست ايڊووڪيٽ عبدالغني ڏيرو جي اوطاق تي ٿيل ڪچهري دوران ڪجهه دوستن پنهنجي درد ڀري ڪهاڻي ٻڌائيندي وهايا ۽ چيا هئا.

مون عوامي آواز جي هڪ ڪم جي سلسلي ۾ ڪاڇي جو فريد آباد شهر ۽ ان جا ڀرپاسي وارا علائقا گهميا هئا، اسان جو ميزبان عبدالغني ڏيرو هو، مون شاهه گودڙيو لڳ اهي پاڻي جا اونها کوهه ڏٺا ۽ اتان جي ماڻهن سان مليس ۽ حال احوال ورتا، ماڻهن جي حالت تمام گهڻي خراب هئي، ڪاڇي جا ماڻهو پاڻي لاءِ سخت پريشان هئا، پاڻي جو ڦڙو ڦڙو ڄڻ ڪاڇي واسين لاءِ انمول بڻيل هو، پاڻي جي تلاش ۾ واريءَ جا مسلسل پنڌ ڪري ڏٻرن بڻجي ويل گڏهن تي پاڻي جون کليون ۽ بوتلون لٽڪيل، ڪمزور جسم وارين عورتن ۽ ٻارڙن جي هٿن ۾ هڪ سوٽي کنيلم ڪاڇي واسين پئي پاڻي جي تلاش ڪئي، ڪنهن اين جي اوز جي مدد سان ٺاهيل شاهه گودڙيو درگاهه لڳ هڪ کوهه هو ۽ ماڻهن پئي پنهنجي واري جو انتظار ڪيو ته هڪڙو پاڻي ڀري ته وري ٻئي جو وارو اچي.

پاڻي لاءِ پياسي زمين هوا جي جهوٽي تي پئي واري اڏامي، مون جڏهن واريءَ ۾ ٿورو پنڌ ڪيو ته ٽنگن ۾ سور پئجي ويو ۽ هلي نه پئي سگهيس، پر هي ڪاڇي جا لاچار ۽ مجبور ماڻهو واري اهڙي جو پير رک ته سڄو پير واريءَ ۾ پئي اندر هليو ويو، پر ڪاڇي واسي ميلن جا ميل پنڌ ڪري پئي پاڻي جي تلاش ڪندا رهيا.

زندگيءَ جي سکن لاءِ سڪايل ڪاڇي واسين جي ڌرتي تي وڃي ائين لڳو ڄڻ ڪاڇو نه پر ڪربلا جو ميدان هجي، جتي پاڻي لاءِ پئي انسان تڙپيا، تعليم لاءِ سوچڻ ته پري جي ڳالهه پر ڪاڇي واسين پئي جياپي جي جنگ وڙهي، مون حيدرآباد واپس اچي ڪاڇي جي ماڻهن جي تڪليفن ۽ ڏکن تي تفصيلي رپورٽ عوامي آواز ۾ شايع ڪرائي هئي، جنهن ۾ ڪاڇي جي ماڻهن پاران سندن تڪ مان چونڊيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن لاءِ ميارن وارا نياپا به شامل هئا ته سندن ڏک ۽ تڪليف جو داستان به شامل هيو، پر شايد اخبار جي اڱڻ تي آيل ڪاڇي واسين جي دردن جو داستان به تڪ جي چونڊيل نمائندن لاءِ ڪا معنيٰ رکندڙ نه هو.

هاڻ ته جيجل امڙ ۽ معصوم ٻار جو اڃ وگهي مري وڃڻ وارو واقعو تمام گهڻو ڏکائيندڙ پيش آيو آهي، آيل خبرن موجب شاهه گودڙيو ٿاڻي جي حد جابلو علائقي ۾ هڪ ماءُ سبحان خاتون پنهنجي معصوم جگر جي ٽڪري واحد چانڊيو کي ساڻ وٺي جوئرجي فصل لڻڻ لاءِ وئي، هوءَ پاڻ سان گڏ هڪ بوتل ۾ پاڻي ته کڻي وئي هئي، پر اوچتو مٽيءَ جو طوفان اچي ويو ۽ هوءَ رستو ڀلجي وئي ۽ معصوم پٽ سميت گهر موٽڻ بجاءِ وڃي کيرٿر جي جابلو سلسلو ۾ ڦاسي پئي، وٽس پيئڻ لاءِ پاڻي ختم ٿي ويو، هوءَ تڙپندي رهي، سندس معصوم پٽ اڃ جون دانهون ڪندو رهيو، پر ٻنهي کي پيئڻ لاءِ پاڻي نه ملي سگهيو ۽ هو تڙپي تڙپي ڪربلا جي شهيدن جيان اڃ سبب بي حال ٿي هميشه لاءِ پنهنجون اکيون ٻوٽي ويا، مقامي ماڻهن کي سندن لاش مليا، 8 ڪلاڪن کان پوءِ سندن سڃاڻپ ٿي، جيجل امڙ ۽ معصوم پٽ جو لاش سندن گهر پهچايا ويا.

ماءُ ۽ معصوم پٽ جي اڃ وگهي مري وڃڻ وارو واقعو سنڌ سرڪار جي نااهلي جو چٽو ثبوت آھي، ڇو ته ڪاڇي ۾ پاڻي جي اسڪيمن لاءِ ته ڪروڙين روپيا ڪاغذن ۾ خرچ ٿي چڪا آهن، پر ڪاڇي جا ڳوٺ ته پري جي ڳالهه پر فريد آباد شهر ۾ ئي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي کي يقيني ناهي بنايو ويو، واٽر سپلاءِ جي تلائن ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي، موٽر خراب آهن، هي شهر ننڌڻڪو بڻيل آهي، هاڻ اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڪاڇي جا ڪيترا ماڻهو اڃ ۾ تڙپي تڙپي مرندا، جن جا هتان جا بيوس بڻيل ماڻهو لاش ڪلهن تي کڻي انهن کي غسل ڏيارڻ لاءِ به پريشان ٿيندا، ڪاڇي جي ماڻهن کي هن ملڪ جو شهري سمجهي سندن واهر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، ڪاڇي واسين جو ڪو وڏو مطالبو ناهي، پر سندن هڪ ئي مطالبو آهي ته کين پيئڻ لاءِ صاف پاڻي پهچايو وڃي ته جيئن هو زندگي سکي گذاري سگهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.