ملتاني تڪا

شيون

گوشت: اڌ ڪلو

ٽماٽا: 3 عدد

گيهه: 100 گرام

ٿوم: 8 ڳڙيون

هيڊ: اڌ چمچو

ڏهي: 1 ڪوپ

پٽاٽا: 2 عدد

ادرڪ: 1 عدد

لوڻ: ضرورت موجب

ترڪيب: ڪنهن ٿانوَ ۾ ڏهي، مرچ، گرم مصالحو، هيڊ ۽ ادرڪ وجهي ڇڏيو. انهن کي چڱيءَ طرح ملائي گوشت جي ٽڪرن تي لڳائي ڇڏيو. ٽماٽا ۽ بصر گول ڪٽي ڇڏيو. پٽاٽا به اٻاري گول گول ڪٽي ڇڏيو. اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ديڳڙيءَ ۾ گيهه گرم ڪري مصالحي وارو گوشت برابر وڇائي ڇڏيو ۽ مٿان اٻريل پٽاٽا، ٽماٽا ۽ بصر رکي ڇڏيو. ساوا ڌاڻا ڪٽي مٿان وجهي ڇڏيو ۽ ڏيڍ ڪوپ پاڻي وجهي ڍڪ ڏئي ڇڏيو. ٿانوَ کي اوون ۾ رکي ڇڏيو، جڏهن گوشت ڳري وڃي ته ڪڍي کائي سگهو ٿا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.