5 جولاءِ کي سدائين ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو: مرتضيٰ وهاب

 ڪراچي (رپورٽر) اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته 5 جولاءِ جو ڏينهن هيمشه هڪ ڪاري ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو، شهيد جمهوريت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪندي هن چيو ته آمر هميشه پنهنجي ذاتي مفاد لاءِ عوامي مفاد جي خلاف قدم کڻي ملڪ ۽ قوم جي خوشحالي ۽ ترقي کي پوئتي وٺي ويا پر پيپلزپارٽي هميشه پنهنجي سوچ ۽ ويزن مطابق مثبت ۽ تعميري اپاءُ ۽ پاليسين سان ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي ڏانهن گامزن ڪيو ۽ ملڪ کي منافع بخش معيشت ۽ ساک کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو ۽ ان جي ناموس ۽ حفاظت لاءِ  ڪا ڪسر نه ڇڏي، هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي حڪومت واري دور ۾ عوامي ڀلائي جا منصوبا جوڙيا ۽ سمورا مستحڪم ادارا هنن جي حڪومت واري دور ۾ قائم ٿيا جنهن کي آمرن عوامي مفادن، غلط پاليسين ۽ اپائن سان خراب ڪيو، فاشزم جا پيروڪار آئين ۽ قانون کي به پنهنجي مرضي سان هلائڻ چاهن ٿا، اڳواڻ پنهنجي چنگيزيت جي اصل شڪل ڏيکاري رهيا آهن. پاڪستان جو عوام پيپلزپارٽي سان گڏجي فاشسٽن کي جمهوري طريقي سان هارائيندو، ڇوته پاڪستان جو عوام ديسي هٽلر ۽ مسوليني کان تنگ اچي ويو آهي، هن چيو ته غير جمهوري ماڻهو حڪومت ۾ اچي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر عوامي مفادن جي خلاف قدم ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي کان گهڻو پري وٺي ويندا آهن پر پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي مفادن جو هميشه خيال رکيو ۽ پنهنجي سوچ ويزن مطابق مثبت، تعميري اپاءُ ۽ پاليسين سان ترقي ۽ خوشحالي طرف هلايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.