نيب قيدي بيمار ٿيو وڃن (جج) ايترا به ڪمزور ناهيون صاحب: زرداري

 اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مان 13سال جيل ڀوڳيو آهي، اسان جو وزيراعظم ڪرڙي کان به ڊڄندو آهي. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر سميت ٻين خلاف ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا ڪنهن به اڻ لاڳاپيل شخص کي جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو.  ٽن جوابدارن کي هٿڪڙين ۾ ڏسي آصف علي زرداري روسٽرم تي اچي ويو ۽ چيو ته هي ڌاڙيل نه آهن ۽ نه وري ملڪ دشمن عنصر آهن، هي پڙهيل لکيل آهن، کين هٿڪڙيون ڇو ٿا هڻون. جج چيو ته نيب اختيارين طرفان چيو ويو آهي ته کين جيل مان پوليس آندو آهي اسان هٿڪڙيون نه هنيون آهن. آصف علي زرداري چيو ته نيب وارا ايترا اهل آهن جو انور مجيد کي هوائي اڏي تان کڻي اچن پر صحت خراب ٿيڻ تي ٻيهر اسپتال منتقل ڪيو.، انور مجيد کي اسپتال ڇڏي وري سندس پٽ کي کنيو ويو.  جج ارشد ملڪ چيو ته  جيڪو جوابدار اچي ٿو اهو بيمار ٿي پوي ٿو، ڪنهن آزاد ماڻهو کي گرفتار ڪري هڪ ڪمري ۾ آندو وڃي ته کيس ٻوسٽ ٿيندي آهي.  انسان کي خبر هجي ته ڪنهن ٻاهران ڪنڊي لڳائي آهي ته پريشان ٿي ويندو آهي. آصف علي زرداري چيو ته مان 13 سال جيل ڀوڳيو آهي، اها به اڪيلائي واري قيد ڀوڳي آهي. جج رمارڪس ڏيندي چيو ته سڀ ماڻهو اهڙا نه هوندا آهن،ڪجهه ماڻهو شينهن سان وڙهي ويندا آهن ۽ ڪجهه وري ننڍي جانور کان دڄي ويندا آهن، آصف علي زرداري چيو ته اسان جو وزيراعظم به ڪرڙي کان ڊڄندو آهي. ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سوال ڪيو ته ڪهڙو وزيراعظم آهي جيڪو ڪرڙي کان ڊڄندو آهي جنهن تي آصف  علي زرداري چيو ته اهو موجوده وزيراعظم آهي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.