ڪاش هر پيءُ اولاد دوست پيءُ هجي

زرار پيرزادو

نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون

جيئن هر سال مئي مهيني جي ٻئي آچر تي ”مائرن جو عالمي ڏينهن“ ملهايو ويندو آهي تيئن هر سال جون مهيني جي ٽئين آچر تي پيئرن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. ان حساب سان هن مهيني جي 21 تاريخ تي پيئرن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو.

ڪو به ماڻهو اولادي ٿي سگهي ٿو، جيڪا غير معمولي ڳالهه ناهي پر هر پيءُ اولاد دوست هجي اهو لازمي ناهي جيڪا ان اولاد جي بدقسمتي هوندي آهي، جنهن جو پيءُ اولاد دوست ناهي هوندو.

عام طور تي انتهائي باشعور، ترقي پسند ۽ روشن خيال پيئر ئي اولاد دوست ٿيندا آهن.

اُهي گهر ۽ اُها اولاد خوش نصيب هوندا آهن جن کي آئيڊيل اولاد دوست پيئر نصيب ٿيندا آهن.

جنهن گهر ۾ اولاد دوست پيءُ هوندو اُهو گهر اولاد لاءِ انتهائي سُڪون وارو هوندو آهي ۽ پوءِ ان اولاد کي سڪون لاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ يا فرار ٿيڻ جي ضرورت ئي محسوس ناهي ٿيندي.

عام طور تي خراب ٻار ان گهر مان ئي پيدا ٿيندا آهن جن مٿان پيئر سختي ڪندا آهن، مٿن ڪرڙي نظر رکندا آهن يا گهر ۾ مارشلائي نظام لاڳو ڪيو ويٺا هوندا آهن.

گهر ۾ جيڪڏهن اولاد دوست پيءُ هوندو ته ٻار کي گهر ۾ ئي دوست ملي ويندو آهي جنهن سان اُهو هر قسم جون ڳالهيون ۽ هر قسم جا مسئلا شيئر ڪري سگهندو آهي.

اولاد دوست ۽ خاص ڪري ترقي پسند پيءُ خاص ڪري نياڻين لاءِ وڏو ڀاڳ سمجھيو ويندو آهي. نياڻين جي زندگي سجايو ان گهر ۾ ٿيندي آهي جتي کين ترقي پسند پيءُ مليل هوندو آهي. جيڪو ئي کيس بنيادي آزادي ڏئي سگهندو آهي.

اها حقيقت اسانجي سماجي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسانجي سماج ۾ ان عورت ئي سماج ۾ نمايان مقام حاصل ڪيو آهي جنهن کي گهر ۾ اولاد دوست پيءُ يا ترقي پسند گهر وارو نصيب ٿيو آهي. جنهن کيس هڪ مڪمل انسان جي زندگيءَ ۾ حيثيت پئي ڏني آهي.

اسان سمجھون ٿا ته آدرشي ۽ اولاد دوست پيءُ نه رڳو گهر ۾ پر سماج اندر به آدرشي ۽ انقلابي ماحول پيدا ڪري سگهي ٿو.

اولاد جي بنيادي آزادي ۽ گهر اندر انقلابي ۽ آدرشي ماحول ٺاهڻ ۾ اولاد دوست پيءُ جو وڏو ۽ فيصلائتو ڪردار هوندو آهي.

سو هڪ اولاد دوست پيءُ به پنهنجي ذات مان گهر ۽ سماج اندر هڪ آدرشي ۽ انقلابي ماحول پيدا ڪري سگهي ٿو.

سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته پيءُ ته هر اولاد کي ٿئي ٿو پر هر پيءُ اولاد دوست ۽ آدرشي پيءُ نٿو ٿي سگهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.