جهنڊو هڻڻ تان بي جي پي ۽ مخالف پارٽي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو، چار ڄڻا مارجي ويا

ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ پارٽي جهنڊو لڳائڻ تي ٿيندڙ جهيڙي جي نتيجي ۾ حڪمران پارٽي جا ٽي ۽ ترينمول پارٽي جو هڪ ڪارڪن مارجي ويو آهي، جڏهن ته 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ڀارتي رياست اولهه بنگال ۾ مودي سرڪار جي پارٽي ڀارتيه جنتا پارٽي ۽ مقامي جماعت ڀارت ترينمول پارٽي جي ڪارڪنن وچ ۾ ٿيندڙ ڏند چڪ جهيڙي ۾ تبديل ٿي وئي.

بي جي پي ڪارڪنن ترينمول پارٽي جا جهنڊا لاهي پنهنجي پارٽي جا جهنڊا لهرائي رهيا هئا جنهن سبب ٻنهي پارٽين جي ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ چار ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 18 زخمي ٿي پيا.

مارجي ويلن ۾ 3 بي جي پي ڪارڪن شامل آهن،  جڏهن ته هڪ ترينمول پارٽي جو ڪارڪن شامل آهي جڏهن ته زخمي ٿيندڙن ۾ ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن شامل آهن جن کي ويجهي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

اولهه بنگال گذريل ٻن ڏهاڪن کان ترينمول پارٽي جو ڳڙهه رهيو آهي جيڪا بي جي پي جي سخت مخالف پارٽي آهي، بي جي پي طرفان به اڳوڻي وڏي وزير ۽ پارٽي اڳواڻ ممتا بئنرجي تي سخت ۽ فحش تنقيد ٿيندي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.