سنڌ حڪومت عوام جي خدمت تي يقين رکي ٿي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر) اطلاعات کاتي جي صوبائي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ۾ يقين رکي ٿي، ان لاءِ حڪومت سان گڏ ميڊيا جو به اهم ڪردار آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه رپورٽرن ۽ سينيئر صحافين جي مان ۾ ڏنل افطار تقريب ۾ ڳالهائيندي ڪيو، تقريب ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، ايم پي اي ذوالفقار شاهه، اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري عمران عطا سومرو، سينيئر صحافين عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ، غلام نبي چانڊيو، يونس مهر، منگل داس، پريس ڪلب جي صدر امتياز خان فاران، جي ايم جمالي، منور عالم ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اطلاعات کاتي جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته  پ پ ۽ صحافين جو پراڻو ناتو آهي، سنڌ سرڪار صحافين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي.043041

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.