اسيمبلي ميمبر ماهه جبين جو ساٿ ڏئي حوصلا افزائي ڪئي وڃي

حميده گهانگهرو

گذريل ڏينهن بلوچستان اسيمبلي جي عورت ميمبر ماهه جبين شيران پنهنجو کير پياڪ ٻار ايوان ۾ کڻي آئي ته کيس اهو چيو ويو ته ايوان ۾ ٻارڙو کڻي اچڻ اصولن جي خلاف ورزي آهي، عورت ميمبر جي ان وقت ڪهڙي حالت هوندي، جنهن سماج ۾ عورت چارديواري کان ٻاهر نه نڪري وري ڪنهن غير مرد سان ڳالهائڻ کي به معيوب سمجهيو وڃي. اهڙي ماحول مان عورت همٿ جرئت ڪري سماج جي تمام فرسوده رسمن ريتن سان بغاوت ڪري عورتن جي حقن جو آواز بڻجي حق ۽ سچ جو علم کڻي ٿي. ته اهڙي حالت ۾ اهو رويو کيس ڪيتري تڪليف ڏئي سگهي ٿو. ڏسڻ گهرجي ته محترمه ماهه جبين شيران مڪران سان تعلق رکي ٿي ۽ پهريون ڀيرو اتان جي عورت اڳتي وڌي آهي، جيڪو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي، سندس چوڻ آهي ته اجلاس واري ڏينهن سندس ٻار تمام گهڻو بيمار هو ۽ ٿڃ پياڪ ٻار کي گهر ۾ ڪير نه هئڻ ڪري ڪنهن جي آسري تي ڇڏيان هان، حقيقت اها آهي ته پوري دنيا ۾ قانون هئڻ جي باوجود به عورتن کي ايتري رعايت هوندي آهي ته هو پنهنجي کير پياڪ ٻارن کي کڻي اچن پوءِ انهن جو بهتر بندوبست به ڪن ۽ وقت سر ڏسنديون به رهن.

اسان جي ملڪ ۾ گورنمينٽ چاهي پرائيويٽ ادارن ۾ ڪي به اهڙيون نرسريون ناهن جتي ٻار کي ڇڏي اچجي، ها البته پرائيويٽ نرسريون آهن جتي ڳري فيس ڀري به ٻارن کي ڇڏيو ويندو آهي، جيڪو هر ماڻهو برداشت نٿو ڪري سگهي.

يورپ جي ڪافي ملڪن جي پارليامينٽ ۾ عورتن پنهنجي ننڍڙن ٻارن کي پيٽ سان ٻڌي اجلاس جي ڪارروائي ۾ شريڪ هونديون آهن، اسڪول ٽيچرس اڪثر ننڍڙن ٻارن کي اسڪول کڻي اچي آيا وغيره جي حوالي ڪري ڇڏينديون آهن. ڪافي نوڪري پيشه عورتون گهرن ۾ ٻار سنڀالڻ لاءِ مايون رکنديون آهن، گهٽ عورتون هونديون آهن جيڪي ٻار جي پالنا صحيح ڪنديون آهن. نه ته ڏٺو ويو آهي ته ٻار جي غذا صحيح نه ڏينديون آهن. ماءُ خوش ۽ تسليءَ سان هوندي ته ٻار صحيح هوندو فيڪٽرين ۾ محنت ڪش عورتون ٻار کڻي وينديون آهن ۽ چوري ڇپي ويچاريون انهن کي کير پياري وري ڊيوٽي تي اينديون آهن. پاڪستان ۾ ميٽرنٽي ليو 3 مهينا ٿيندي آهي جنهن ۾ 45 ڏينهن ٻار جي ڄمڻ کان اڳ ته 45 ڏينهن پوءِ جيڪا ناڪافي آهي، ڪنهن به حوالي سان 45 ڏينهن ۾ ٻار ان قابل ناهي هوندو جيڪو ماءُ جي جهول ۽ ٿڃ پيئڻ بنا 8. 10 ڪلاڪ رهي سگهي.

ڳوٺن ۾ به عورتون ننڍڙن ٻارن کي ٻنين تي کڻي وينديون آهن، ڪنهن وڻ ۾ ڪپڙي جو پينگهو جنهن کي جهول چئجي ٿو ٻڌي پيون ويچاريون ڪلهي ۾ پٺي سان ٻار ٻڌي پيون هلنديون. هاڻ ڏسڻ اهو گهرجي ته عورت ڪيتري بهادر ۽ ڪيترين مشڪلاتن جي باوجود مايوس ناهي. اڪثر ڳوٺن ۾ ٻار کي ڪڇ تي کڻي دلو پاڻيءَ جو مٿي تي رکي، کوهن تان پاڻي ڀري اينديون ڇا عورت جي ان تڪليف ڏيندڙ زندگي لاءِ ڪو به قانون ناهي، مرد جي معاشري ۾ انهن سڀني مردن کي سمجهڻ گهرجي ته اهي ئي مائرون آهن جن جي تربيت تي هو پنهنجي پيرن ڀر بيٺا آهن. عورت جڏهن ماءُ ٿي هڪ انسان کي هن دنيا ۾ آڻي ٿي ته سڀ سور هو اڪيلي سر سهي ٿي. اهو انسان سائنسدان، ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، اديب، دانشور، سياسي اڳواڻ، ملڪ جو وزيراعظم، وزيراعليٰ مطلب هر سڃاڻپ جو مرد پنهنجي هڪ ماءُ جي ڪک ۾ پلجي پنهنجي وجود کي ظاهر ڪري ٿو.

حيرت آهي ته اهو سڀ ڪجهه هئڻ باوجود جنرل ضياءَ ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻ کانپوءِ قانون پاس ڪرايو ته ٻن عورتن جي شاهدي هڪ مرد جي برابر آهي، عورت جي اهميت کي مرد جي اهميت جي اڌ برابر سمجهيو ويو. ضياءَ جا پوئلڳ اسلامي اتحاد جي ڳالهه ڪرڻ وارن جو خيال هو ته عورتن جي حڪمراني کي تسليم نه ڪرڻ گهرجي. پر عورت انهي فيصلي کي رد ڪيو ۽ 1988ع جي اليڪشن ۾ وڏي اڪثريت سان  هن ئي ملڪ جي سياسي اڳواڻ کٽي ملڪ جي وزيراعظم ٿي. محترمه بينظير ڀٽو 8 مارچ تي عورتن جي عالمي ڪانفرنس ڪري عورت ۽ مرد جي فرق کي مٽايو. اسلام جي دعويدارن کي منهن ٽوڙ جواب ملي وڃڻ ڪري پوءِ به عورتن کي هراسان ڪرڻ، ادارن ۾ پنهنجي مٿان حڪمراني ڪرڻ کي گهٽ تسليم ڪندا، اهڙي بزدل مرداڻي سوچ کي عورت پنهنجي اتحاد ۽ شعور وسيلي ختم ڪرائي سگهي ٿي، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اجلاس ۾ ويٺل ٻين عورتن مزاحمت نه ڪئي. سو خوشامند پرستي جي ماحول مان مرد عورت ٻنهي کي نڪرڻو پوندو.

ڇا ٻاگهل ٻائي سنڌ تي حڪمراني نه ڪئي هئي. شهيد مائي بختاور هارين جي حقن لاءِ جان قربان نه ڪئي هئي ۽ ان جي قرباني کي هاري تحريڪ ۾ نمايان حيثيت آهي. عورت قرباني ڏئي ٿي ته تاريخ ٺهي ٿي، ڪنهن به جدوجهد ۾ عورت جي اڳواڻي کي اهميت ڏني ويندي آهي. پر جڏهن ڪا فيصلا ڪن تحريڪ جي ذميدارين جو ڍانچو ٺاهيو ويندو آهي ته عورت جي رهنمائي بلڪل نه هوندي آهي، ٽريڊ يونين اڳواڻن ۾ مردن جو تعداد تمام گهڻو آهي جڏهن ته عورتن جا نالا نه هئڻ برابر هوندا آهن، پاڪستان ۾ مزدور اڳواڻ طور ڪنيز فاطمه آهي جيڪا ڪيئي ڀيرا پنهنجي جدوجهد ڪري شهر ۽ پوءِ صوبي بدر به ڪئي ٿي وڃي، پر هوءَ پنهنجي جدوجهد کي ماٺو نٿي ڪرڻ ڏئي.

ڪنيز فاطمه جو چوڻ آهي ته اوچتو مون کي مزدورن جي حق ۾ احتجاج ڪندي پوليس گرفتار ڪري ٿي ۽ پوءِ شهر بدر ڪري ٿي. گهر ۾ سندس ننڍڙي کير پياڪ نياڻي آهي، جنهن جي لاءِ چوي ٿي ته مان هزار مزدورن جي ٻچن لاءِ وڙهان ٿي ۽ منهنجي ننڍڙي کي سندس پيءُ سنڀاليندو، اهڙيون اڄ به ڪيتريون عورتون آهن جيڪي ٻارن جي پالنا گهرو زميندارين، خانداني، برادريءَ سان گڏ قومي فرض نڀائين ٿيون.

هئڻ ته ائين گهربو هئو ته محترمه ماهه جبين جي ننڍڙي ٻار کي بهتر پروٽوڪول محبت ۽ شفقت سان هن جي حوصلا افزائي ڪجي هان، يقينن عورت جي همٿ ۽ حوصلي جي عزت افزائي ڪرڻ تي عورت پهاڙ کان به وڌيڪ مضبوط آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.