ڪنهن کي به اين آر او نه ڏيندس: وزيراعظم عمران خان جو اعلان

مهمند ايجنسي ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قبائلي نوجوانن کي ڀڙڪائڻ لاءِ پرڏيهه مان سازش ٿي رهي آهي.  مهمند ايجنسي ۾ ڊيم جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته  اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو جيڪو ڪم هن ڪيو اهو عدليه جو ناهي حڪومت جو هو پر اڳوڻي چيف جسٽس مجبوري ۾ ڊيم ٺاهڻ جي ذميواري سنڀالي.  هن چيو ته پاڪ فوج تيراهه وادي ۾ امن جي وڏي جنگ وڙهي، پاڪ فوج کي تيراهه وادي مان دهشتگردن جو خاتمو آڻڻ تي سلام پيش ڪريان ٿو،  ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو بيروزگاري آهي، ملڪ ۾ جيترو امن هوندو اوتري سيڙپڪاري ايندي.  سندس چوڻ هو ته ماضي ۾ حڪومتون عوام بابت سوچڻ ۾ ناڪام رهيون پر پاڪستان کي چين وانگر ترقي ڪندڙ بڻائڻو آهي، چين غريب ماڻهن کي مٿي کڻي ترقي ڪئي.  وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿي، افغانستان سان واپار کولڻ جو مطالبو پورو ڪندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.