رپورٽ:ڪوٽڏيجي: ڊوم جو گڏھ گاڏي کي ٽڪر، پورهيت سخت زخمي ، گڏهه مري ويو

ڪوٽڏيجي ويجهو ڳوٺ علي محمد سولنگي  وٽ لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڊوم گڏھ گاڏي مٿان چڙهي وئي جنهن جي نتيجي ۾ پورهيت سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن تھ سندس گڏهه مري ويو.

ڪنب ڀرسان ڳوٺ علي محمد سولنگي لڳ لنڪ روڊ تي تيز رفتار ڊوم گڏھ گاڏي کي زوردار ٽڪر هنيو ،جنهن جي نتيجي ۾  گڏھ گاڏي تي برف وڪرو ڪندڙ 55 ورهين جو جو پورهيت حاتم سولنگي سخت زخمي ٿي پيو جڏهن تھ سندس گڏهه ٿڏي تي مري ويو.

زخمي کي نازڪ حالت ۾ خيرپور سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن تھ ڊرائيور  گاڏي  ڇڏي فرار ٿي ويو.

 ڪنب پوليس ڊوم کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ، آخري اطلاع تائين حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو………….

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.