دبئي (اسپورٽس نيوز) راندين جي ويب سائيٽ ڪرڪ انفو ورلڊ ڪپ 2019ع کان اڳ آل ٽائم ورلڊ ڪپ ٽيم جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان عمران خان ۽ فاسٽ بالر وسيم اڪرم به شامل آهن. ڪرڪ انفو جي 22 اسٽاف ميمبرن هڪ سروي کانپوءِ آل ٽائم ورلڊ ڪپ ٽيم جوڙي، جنهن ۾ رانديگرن کي پنهنجي ڪيريئر ۾ کيڏيل ورلڊ ڪپ ميچن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي چونڊيو ويو. سليڪٽرن ورلڊ ڪپ لاءِ 39 رانديگرن مان 11 جي چونڊ ڪئي ۽ انهن ۾ وسيم اڪرم واحد رانديگر هو، جيڪو سمورن سليڪٽرن جي گڏيل چونڊ هو. آل ٽائم ورلڊ ڪپ ٽيم جي قيادت عمران خان حوالي ڪئي وئي ۽ ٽيم ۾ آسٽريليا جا 4، پاڪستان ۽ سريلنڪا جا 2- 2 جڏهن ته ڀارت، ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريڪا جي هڪ – هڪ رانديگر کي شامل ڪيو ويو آهي. آل ٽائم ورلڊ ڪپ ٽيم جن رانديگرن تي ٻڌل آهي، انهن ۾ ايڊم گلڪرسٽ (وڪيٽ ڪيپر)، سچن ٽنڊولڪر، رڪي پونٽنگ، ويو رچرڊ، ڪمار سنگاڪارا، عمران خان (ڪپتان)، لينس ڪلوزنر، وسيم اڪرم، شين وارن، مٿايا مرلي ڌرن ۽ گلين ميڪ گراٿ شامل آهن. ڪمار سنگاڪارا جو مقابلو سنٿ جي سوريا، اسٽيو وا، ڪپل ديو ۽ اي بي ڊويليئرز سان هو، جڏهن ته سليڪٽرن سنگاڪارا کي آل ٽائم ورلڊ ڪپ ٽيم لاءِ چونڊي ورتو. اڇي ڪٽ ۾ ورلڊ ڪپ کيڏندڙ ٻه رانديگر ويو رچرڊ ۽ عمران خان آل ٽائم ورلڊ ڪپ ٽيم ۾ شامل آهن، جڏهن ته 9 رانديگر اهڙا آهن، جن رڳو ڪلر ڪٽ ۾ ورلڊ ڪپ ميچون کيڏيون.