رپورٽ : ڏهرڪي: عصمت جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ريلي

ڏھرڪي ۾ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي زيادتي بعد قتل ڪيل عصمت جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو ويو.

نصرالله قلادي، ميرحسن لاشاري، اسد لغاري آصف راهوجي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سائين جي ايم سيد چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪراچي جي سرڪاري اسپتال ۾ ناري عصمت کي زيادتي بعد زهر جي سئي لڳائي وئي.

هنن چيو ته هفتو گذرڻ باوجود پوليس اصل جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي جنهن جي هو سخت لفظن ۾ مذمت ڪن ٿا.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪري ناري جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي………..

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.