غربت جو ڀيانڪ روپ، ڪراچي ۾ ڳڀي جي آس ۾ آيل 11 مسڪين لتاڙجي فوت

ڪراچي (رپورٽر : حفيظ ڦلپوٽو) ‘ڪراچي جي سائيٽ ايريا ۾ نورس چورنگي وٽ راشن جي تقسيم دوران ڀاڄ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن .پوليس اختيارين موجب راشن ورهائڻ دوران ماڻهن جو وڏو انگ موجود  هو. رپورٽن مطابق مقامي فيڪٽري پاران غريب ماڻهن ۾ راشن ورهائڻ دوران ماڻهن جو وڏو تعداد موجود هيو. پوليس موجب شروعاتي اطلاعن موجب راشن ورهائڻ واري جاءِ تي ڀاڄ پئجي وئي. پوليس موجب ڀاڄ دوران ويجھو نالي جي ڀت پڻ ڪري پئي، شروعاتي اطلاعن موجب 2 ٻارڙا نالي ۾ ڪري فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترا ئي ماڻهون پاڻي ۾ ڪِري پيا. ريسڪيو ذريعن موجب واقعي ۾ ڪيترائي ماڻهو بيهوش پڻ ٿي ويا آهن. انهن مان ڪجهه نازڪ حالت ۾ آهن. ڪراچي۔ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ پاران ڪراچي جي سيمينس چورنگي ڀرسان فيڪٽري ۾ راشن جي تقسيم دوران ڀاڄ پوڻ سبب فوت ٿيندڙن لاء 5.5 لک ۽ زخمين لاء هڪ هڪ لک جو اعلان ڪيو آهي۔ وزير اعلي سيد مراد علي شاھ ضلعي انتظاميا ڪياماڙي کي هدايت ڪئي آهي ته وقعي ۾ فوت ٿيندڙ ۽ زخمين جي مڪمل فهرست تيار ڪري متاثرين جي وارثن کي فوري طور تي چيڪ ڏنا وڃن. پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي ۾ ڀاڄ واري واقعي جو نوٽيس ورتو. سنڌ جي وڏي وزير سان رابطو، معاملي جي فوري جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي، بلاول ڇيو ته فيڪٽري حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ افسوسناڪ آهي. مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام کي يقيني بڻايو وڃي. فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ 12 سالن جي وسيم ومد آصف , 7 سالن جي سعاد عمر ولد عمرزادا, 8 سالن جي امي حاني ڌي ارشد , 45 سالن جي خورشيدا زال ظفر , 40 سالن جي عابدا زال راشد , 45 سالن جي سونيا زال سعيد, 40 سالن جي سعيدا زادي زال عمر , 50 سالن جي نسيما زال شاھد , 45 سالن جي وحيدا زال فضل سميت ٻيا شامل آهن , جڏهن ته  زخمين ۾ ياسمينا زال جوري , ملائيڪا زال سعيد زادا , زاھدا زال سڌير شامل آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.