خاران (م ڊ) بلوچستان جي علائقي خاران مان فٽبال رانديگر صغير احمد عرف ڇوٽو کنڀجي ويو. ذريعن موجب خاران جو مشهور فٽبالر صغير احمد عرف ڇوٽو گذريل رات خاران شهر جي شيلگ واري علائقي مان کنڀي گم ڪيو ويو. واضح رهي ته خاران ۾ ڌماڪي ۽ فائرنگ جي واقعن کانپوءِ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان ڪيترن ئي نوجوانن جي گم ٿيڻ جا اطلاع ملي رهيا آهن، جنهن ڪري علائقي جي نوجوانن ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي.