آءِ ايم ايف جا اهڙا شرط آهن، جو وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي: سعد رفيق

لاهور( م ڊ) ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته آءِ ايم ايف کان اهڙا شرط اچن پيا جن جي وضاحت نه ٿي ڪري سگهجي. هن  چيو ته آءِ ايم ايف سان معاملا حل ڇو نه ٿي رهيا آهن، آءِ ايم ايف کي خبر آهي، اسان معاشي طور ڪمزور آهيون. هن چيو ته هڪ طرف معاشي مسئلا آهن ته ٻئي طرف پوليس اهلڪارن تي پيٽرول بم اڇلايا پيا وڃن، اسحاق ڊار جو گذريل ڏينهن سڀ ٻڌو آهي. ريلوي واري وزير چيو ته عمران خان سياستدان ناهي، جيڪڏهن گروهه جي سياست آهي ته هرڪو ڪندو آهي. هن چيو ته نواز شريف عدالتن کي منهن ڏنو، عمران خان کيڏڻ کانسواءِ ٻيو ڇا ڪيو آهي؟ ڇا عمران خان آئين جي بالادستي ۾ ڪو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.