سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ اگهه وڌڻ سان پاڪستان ۾ به سون مهانگو ٿي ويو.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 10 ڊالر واڌ سان 1936 ڊالرن جي سطح تي اچي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ به في تولي سون جي قيمت ۾ 700 رپيا ۽ 10 گرام سون جي قيمت ۾ 600 رپيا واڌ ٿي آهي.

اگهن ۾ واڌ کانپوءِ مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ في تولو سون ٻه لک 4 هزار 200 رپين جو ۽ 10 گرام سون هڪ لک 75 هزار 68 رپين جو ٿي ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.