پيٽ نڪرڻ جون اهي عادتون، جيڪي اسان جي معمول جو حصو آهن

 

جسماني چرٻيءَ ۾ پيٽ جي چرٻي سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي، ڇو ته اها ڪيترن ئي اهم عضون کي لڪائي ڇڏيندي آهي.

ان چرٻي جي نتيجي ۾ دل جي مرضن، شگر ۽ ٻين سنگين طبي مسئلن جو خطرو وڌندو آهي.

پيٽ ۽ چيلهه جي وچ ۾ گڏ ٿيندڙ چرٻي کي طبي ٻولي ۾ ورسيڪل فيٽ چيو ويندو آهي، پيٽ نڪرڻ لاءِ اهو به ضروري ناهي ته جسماني وزن وڌيڪ هجي، سنهڙن ماڻهن جو پيٽ به نڪري ايندو آهي.

پر ڇا توهان ڄاڻيو ٿا ته اهي ڪهڙيون عام عادتون آهن، جن سان پيٽ وڌڻ جو خطرو هوندو آهي.

ٽي وي ۽ سمارٽ فون ڏسندي کائڻ

سمارٽ فون تي اسڪرولنگ ڪرڻ يا ٽي وي ڏسندي کائڻ سان ڌيان مَٽجي ويندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ماڻهو ضرورت کان وڌيڪ ڪيلوريز جسم جو حصو بڻائي ڇڏيندا آهن، کاڌو کائيندي پنهنجو ڌيان غذا تي رکو ۽ خوراڪ کي چڱي طرح چٻاڙڻ عادت بڻايو.

تڪڙي تڪڙي کائڻ

تڪڙي کاڌو کائڻ وارن ماڻهن ۾ ٿولهه جو امڪان ٻين جي ڀيٽ ۾ 115 سيڪڙو وڌيڪ هوندو آهي، کاڌو کائڻ کانپوءِ اسان جو معدهو بُک کي ڪنٽرول ڪندڙ هارمون کي دٻائيندو آهي، جڏهن ته ڀيٽ ڀرڻ جو احساس ڏياريندڙ هارمونز کي خارج ڪندو آهي، اهي هارمونز دماغ کي ٻڌائيندا آهن ته پيٽ ڀرجي ويو آهي، جنهن کانپوءِ وڌيڪ کائڻ جي خواهش ناهي ٿيندي، ان عمل کي مڪمل ٿيڻ ۾ 20 منٽ لڳندا آهن پر تڪڙي تڪڙي کائڻ سان دماغ کي اهو سگنل دير سان ملندو آهي ته پيٽ ڀرجي ويو آهي، تنهن ڪري آهستي آهستي کائڻ گهرجي.

ننڊ جي کوٽ

ننڊ جي کوٽ رڳو سُستي يا ٿَڪَ جو سبب ناهي بڻجندي پيٽ جي چرٻي وڌائڻ جو سبب به بڻجي سگهي ٿي، هڪ تحقيق موجب ننڊ جي کوٽ جو شڪار ماڻهن ۾ چرٻي جو ذخيرو وڌيڪ هوندو آهي.

رات دير سان کائڻ

رات جي دير سان کائڻ جي عادت بک ۽ کاڌي جي خواهش ۾ ڪردار ادا ڪندڙ هارمونز تي ناڪاري اثر وجهندي آهي ۽ ماڻهن ۾ وڌيڪ کاڌي جي خواهش پيدا ٿيندي آهي، هڪ تحقيق موجب دير سان کاڌو کائيندڙن جو جسم ڪيلوريز کي سستي سان هلائيندو آهي ۽ جسم ۾ چرٻي وڌيڪ جمع ٿيڻ لڳندي آهي، ان عادت جي نتيجي ۾ هاضمي جي نظام کي غذا هضم ڪرڻ ۾ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي آهي، جنهن جو نتيجو چرٻي جي ذخيري جي صورت ۾ نڪرندو آهي.

سگريٽ ڇڪڻ

سگريٽ ڇڪڻ صحت لاءِ ته نقصانڪار آهي ئي پر ان جو هڪ نقصان پيٽ نڪرڻ به آهي، توهان جيترا وڌيڪ سگريٽ ڇڪيندئو، ايتري وڌيڪ چرٻي پيٽ ۽ چيلهه جي ڀرپاسي گڏ ٿيندي.

تريل کاڌا کائڻ

جيڪڏهن توهان پاڻ کي تريل کاڌن کان پري نٿا رکي سگهو ته پيٽ نڪرڻ تي حيران ٿيڻ جي ضرورت ناهي، تريل غذائن ۾ سڻڀ وڌيڪ هوندو آهي، جنهن سان چرٻي گڏ ٿيڻ لڳندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.