پاڪستان تان دنيا جو ڀروسو ختم ٿي ويو: احسن اقبال

لاهور (م ڊ) رٿابندي، ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته 10 سالن تائين سياسي استحڪام سان ئي ملڪي ترقي ممڪن ٿي  سگهي ٿي، ملڪ ۾ سياسي تبديلين سان معاشي پاليسي واڌ ويجهه نٿي ڪري سگهي، اهڙو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن هتي لاهور اسڪول آف اڪنامڪس برقي ڪيمپس ۾ ”اڪنامڪ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس“ کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته گذريل حڪومت ۾ توانائي جا منصوبا نه لڳايا ويا، جڏهن ته وڏين گاڏين  ۽ تعميرات جو سامان آندو ويو. ماضي جي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري مان  معاشي مسئلا وڌيا. هن چيو ته 5 سالن ۾ ناڻي واڌ تمام گهڻي وڌي آهي، هن چيو ته هر ايندڙ حڪومت گذريل پنجن سالن جي حڪومت کي ناڪام انهي لاءِ چوندي آهي ڇاڪاڻ جو منصوبا 5 سالن ۾ مڪمل ناهن ٿيندا، ٿرڪول، ايران ۽ سعودي عرب جي تيل کان به هڪ وڏو خزانو آهي.  ٿرڪول منصوبو سستي بجلي فراهم ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي، اسان ونڊ، هائيڊرل ۽ سولر سان به توانائي ۾ اضافو ڪيو. سي پيڪ مان فائدو نه کنيو ته مستقبل ۾ اسان کي ان جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته عمران خان جي حڪومت منصوبن ۾ ڪرپشن ڪئي ۽ بي بنياد الزام لڳايا. هن چيو ته عمران خان جي چئن سالن ۾ هڪ ڊالر به ملڪ ۾ نه آيو. سڄيون ڪمپنيون آفيسون بند ڪري واپس هليون ويون. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي چئن سالن ۾ پاڪستان تان دنيا جون ڀروسو ختم ٿي ويو، پاڪستان جي ڌڪي اسٽارٽ معيشت کي انجڻ جي بيٽري تبديل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته پاڪستان جي تمام گهڻي دولت ريئل اسٽيٽ ۽ پلاٽن ۾ لڳل آهي. سسٽم ۾ خرابين کي درست ڪرڻو پوندو، اسان کي ضرورت آهي ته ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻ لاءِ ٽيڪس چوري ۽ ليڪيج کي ختم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.