آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ: بابر جي بيٽرز تي حڪمراني، سراج جي بالرن ۾ بادشاهت برقرار

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) نئين رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، جنهن تحت پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم جي هڪ ڏينهن واري فارميٽ ۾ بادشاهت برقرار آهي.

آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل درجابندي فهرست موجود مينز ون ڊي بيٽرز ۾ پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم پهرين، ڏکڻ آفريڪا جو راسي وين ڊير ڊوسن ٻئين، ڏکڻ آفريڪا جو ئي ڪوئنٽن ڊي ڪاڪ ٽئين نمبر تي موجود آهي.

ان فهرست ڪينگروز بيٽر ڊيوڊ وارنر جي چوٿين، امام الحق جي پنجين پوزيشن آهي جڏهن ته شبمَن گِل ستين ڇهين ۽ ورات ڪوهلي ستين نمبر تي موجود آهي.

ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ ۾ ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو جو پهرين جڏهن ته محمد رضوان جو ٻي پوزيشن تي قبضو آهي.

قومي ڪپتان بابر اعظم جي ٽي ٽوئنٽي ۾ چوٿين پوزيشن جڏهن ڪيوي بيٽر ڊيون ڪانوي ٽئين نمبر تي آهي.

ٻئي پاسي ون ڊي بالرز جي فهرست ۾ ڀارت جو محمد سراج پهرين نمبر تي پهچي ويو آهي، ٽاپ ڏهن بالرن ۾ واحد پاڪستاني شاهين شاهه آفريدي جي اٺين پوزيشن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.