انٽيليجنس ادارن آپگهاتي حملا ڪندڙن جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي خيبرپختونخوا کي تباهيءَ کان بچائي ورتو. آپگهاتي بمبارن جي نيٽ ورڪ وٽان افغان موبائيل سمز، منشيات ۽ ڪرنسي به هٿ ڪئي وئي.ذريعن موجب 19 جنوري تي جمرود واري چوڪي وٽان آپگهاتي حملو ڪندڙ داخل ٿيو، حملو ڪندڙ جي فائرنگ ۾ 3 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا، فائرنگ کانپوءِ آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو. سيڪيورٽي ذريعن موجب ان آپگهاتي حملي ۾ عمر نالي ٽي ٽي پي جي دهشتگرد جو هٿ هو، ٽي ٽي پي جي عمر کي جمرود ۾ رهائش جي سهولت ستانا جان فراهم ڪئي هئي.23 جنوري تي آپگهاتي بمبار سان تعلق رکندڙ فرمان الله ۽ عبدالقيوم کي پڪڙيو ويو، 27 جنوري تي آپريشن دوران سهولتڪار فضل امين، فضل احمد، محمد عامر ۽ حماد الله کي حراست ۾ ورتو ويو