فواد چوڌري جو ڏوهه ٻڌايو وڃي، موت کان نٿو ڊڄان، آخري ساهه تائين وڙهندس: عمران خان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته فواد چوڌري جو ڏوهه ٻڌايو وڃي، جيل ۽ موت کان نٿو ڊڄان، آخري ساهه تائين وڙهندس.

لاهور ۾ وڊيو لنڪ ذريعي پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن کي منشي ڇا چيو کيس گرفتار ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ته فواد چوڌري ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، قوم کي چئي رهيو آهيان ته توهان جو مستقبل توهان جي هٿ ۾ آهي، الله کانپوءِ هن ملڪ جا وارث توهان آهيو.

هن چيو ته ظلم ۽ ناانصافي خلاف بيهڻ جهاد آهي، منهنجو آواز بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيل کان نٿو ڊڄان، توهان کي به نه ڊڄڻ گهرجي، گهڻن کي جيل ۾ وجهندا؟ موت ويجهو کان ڏٺو آهي، مون کي ڪا ڳڻتي ناهي، جڏهن موت لکيل هوندو ملندو.

سندس چوڻ اليڪشن ڪميشن ٻڌائي ته انهن چونڊي اسان جي مخالف کي نگران وڏو وزير مقرر ڇو ڪيو، اسان جا نالا ڇو رد ڪيا ويا، اسان نيوٽرل امپائر رکڻ جي ڪوشش ڪئي، محسن نقوي جو اسان جي حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪردار هو، مقرري سان واضح ٿي ويو ته چونڊون ڪرائڻ جو ڪو ارادو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.