عمران خان لاءِ سڀ دربند، صرف جيل جو گيٽ کليل

لاهور ( ويب ڊيسڪ )  پنجاب ۾ نگران وڏو وزير  مقرر ٿيڻ کانپوءِ انتظامي تبديليون شروع ٿي ويون آهن، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس تبديل ٿي ويا آهن. جڏهن ته پرويز الاهي جو خاص خادم  بڻيل سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر جي جاءِ تي بلاول صديق ڪميانا مقرر ٿي ويو آهي.

صوبي ۾ انتظامي تبديلين کانپوءِ  عمران خان جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي. ڇوته عمران خان خلاف ايترا ڪيس آهن جو هن جي گرفتاري ڀت تي لکجي چڪي آهي.

نامياري صحافي موجب ” سون تي سهاڳو “ اهو ته هڪ اهم آئيني شخصيت پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ سان ملاقات ڪئي آهي ۽ مٿس واضح ڪيو آهي ته  هوائن جو رخ تبديل ٿي چڪو آهي. اليڪشن ڪميشن توڙي ٻين ادارن سان ٽڪراءَ کان پاسو ڪيو ۽ هاڻي ڪنهن سهولت يا رعايت جي اميد نه ڪيو.

اهو پيغام به عمران خان لاءِ خطرناڪ اشارو آهي.، محسوس ٿي رهيو آهي ته آهستي آهستي  سسٽم پنهنجي پراڻي رستي تي اچي رهيو آهي ۽ عمران خان جو لاڏلو پن پنهنجي منطقي انجام طرف وڌي رهيو آهي.

قومي اسيمبلي جو در به وڌيڪ استعيفائن جي منظوريءَ  کانپوءِ پي ٽي آءِ لاءِ بند ٿي چڪو هاڻي صرف جيل جو گيٽ عمران خان لاءِ کليل نظر اچي رهيو آهي.

نوٽ:عمران شفقت هي تجزيو رزواني عوامي آواز اربع 23-01-25 تي شايع ٿيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.