نوابشاهه:ڄام صاحب ڀرسان نينگري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي

نوابشاهه(ڊ ر) 2 سال پهريان ڄام صاحب جي ڳوٺ مير محمد حسن رند ۾ معصوم نينگري 13 سالن جي نرما رند کي پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن زيادتي ڪرڻ بعد باهه ڏئي ساڙي قتل ڪيو ويو هو نينگري جي والد مختيار رند پاران عظيم رند، بلاول رند ۽ شعيب رند خلاف نينگري نرما رند کي زيادتي ڪرڻ بعد باهه ڏئي ساڙي قتل ڪرڻ جي درخواست ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شهيد بينظير آباد جي عدالت ۾ داخل ڪرائي هئي جنهن جي اڄ ٻڌڻي ٿي گذري عدالت پاران ٻڌڻي 14 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي واضح رهي ته 2 سال اڳ ڳوٺ مير محمد حسن رند ۾ معصوم نينگري نرما رند کي زيادتي ڪرڻ بعد باهه ڏئي ساڙي قتل ڪرڻ جي ڪيس ۾ نينگري جي ڀاءُ افتخار رند کي گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته بعد ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي افختار رند کي عدالت باعزت بري ڪري ڇڏيو هو نينگري جي والد مختيار رند مٿي ذڪر ڪيل برادري جي ماڻهن خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، انهي موقعي تي ٻُڌڻي دوران مقتولا نينگري نرما رند جي والد مختيار رند ۽ ڀاءُ افتخار رند چيو ته اسان کي عدالت مان انصاف جي پوري اُميد آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.