هونڊا سي جي 125 جو نئون ماڊل اچي ويو

هونڊا ريگيلر سي جي 125 ماڊل سان گڏ اٽلس هونڊا سي جي 125 سيلف اسٽارٽ ماڊل 2023 کي به لائونچ ڪيو آهي.

سي جي 125 موٽرسائيلڪل پاڪستانين خاص طور تي نوجوانن ۾ ڏاڍي مقبول موٽرسائيڪل آهي جنهن کي ان جي آواز سبب مختلف ۽ جاندار سمجهيو ويندو آهي. ڪمپني موجب سي جي 125 ريگيولر ۽ سيلف اسٽارٽهن ڀيري پنهنجي خريدارن کي نئين احساس سان روشناس ڪرائيندي.

هونڊا سي جي 125 سيلف اسٽار اسپيشل ايڊيشن جو اگهه 2 لک 10 هزار رپيا پاڪستاني رپيا رکيو ويو آهي.

هونڊا سي جي 125 ريگيولر کي هميشا سڄي ملڪ ۾ مقبوليت ملي آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان ماڻهو ان جي نئين ماڊل جو بيچيني سان انتظار ڪندا آهن ۽ هر سال ماڻهو ان لاءِ نئين اميد رکندا آهن.

واپاري ماهرن جو چوڻ آهي ته هن مهانگائي جي ماحول ۾ ماڻهو پنهنجي پسنديده بائيڪ جي نئين ماڊلز کي ڪيئين ساراهيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.