عامر لياقت جا تڪراري ويڊيو ڪيس، ياسر شامي جا گرفتاري وارنٽ جاري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر مرحوم عامر لياقت جي مبينا تڪراري ويڊيو ليڪ ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڪراچي جي عدالت يوٽيوبر ياسر شامي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
مرحوم عامر لياقت جي اڳوڻي زال ڊاڪٽر بشريٰ اقبال پنهنجي انسٽاگرام تي عدالت طرفان جاري ڪيل گرفتاري وارنٽ جي تصوير شيئر ڪندي ٻڌايو ته يوٽيوبر کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.
ان طرفان شيئر ڪيل تصوير موجب ڪراچي جي جڊيشل مجسٽريٽ وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) کي ياسر شامي جي گرفتاري جو حڪم ڏنو ويو آهي، عدالت ايف آءِ اي کي 18 تاريخ تي ياسر شامي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
بشريٰ اقبال جي شيئر ڪيل تصوير ۾ ياسر شامي جي پيش ڪرڻ جي تاريخ 18 اپريل لکيل آهي پر عامر لياقت جي اڳوڻي گهر واري اها تصوير 9 مئي تي شيئر ڪري لکيو ته عدالت طرفان يوٽيوبر کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.