ڀرياسٽي لڳ ڪمند کڻڻ تان زميندار نينگر کي رتورت ڪري ڇڏيو

ڀرياسٽي ( ن ع آ ) ڀرياروڊ ڀرسان ڳوٺ عثمان ڳاهيچو واسي ٻارنهن ورهين جو نينگر ڪمند جي چيچڙي تي ڪمند کائڻ لاءِ جئين ڪمند جي ڇڙي کئني ته ڪمند جي مالڪ زميندار علي شان آرائين پٺي ۾ لوهي رنبي هڻي کيس زخمي ڪري وڌو نينگر جي رڙين تي ڀرپاسي جي ماڻهن پهچي نينگر جي وارثن کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد نينگر جي وارثن زخمي نينگر کي کڻي ڀرياسٽي جي  اسپتال منتقل ڪيو، جتان ڊاڪٽر پاران نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو، ان سلسلي م  نينگرجي وارث غلام رسول ڳاهيچو ميڊيا کي ٻڌايو ته نينگر  بابا عاشق سائين درگاهه ڀرسان ڪمند جي  چيچڙي تان ڪمند ڇڙهي کڻي رهيو ته زميندار علي شان آرائين مڇرجي پيو جنهن نينگر کي پٺن ۾ رنبيون هڻي زخمي ڪري وڌو ، هن وڌيڪ چيو ته ڀرياروڊ پوليس کي جوابدار وٺي ڏنو آهي، جوابدار ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته ٻئي پاسي ڀرياروڊ پوليس رابطو ڪرڻ تي ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيوته زخمي نينگر کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي اسپتال روانو ڪيو آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيل زميندار بابت پوليس ڪجهه به ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو،ٻئي پاسي ڀرياسٽي جي ڊاڪٽر هريش ٻڌايو ته نينگر کي پٺي ۾ لوهي آوزار سان ڌڪ لڳل آهي کيس ڳڻتي جوڳي حالت۾ نواب شاهه اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.