ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو، 3 مغوين کي آزاد

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ)ڪنڌڪوٽ سي آءِ اي پوليس دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مبينا مقابلي دوران 3 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. سي آءِ اي پوليس ٽيم شوڪت علي شاهاڻي 3  مغوين 2 هفتا اڳ اغوا ٿي ويل برڪت گولو،محبوب گولو،جاويد گولو کي مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.پوليس موجب دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس آپريشن هلندڙ هو ۽ ڏوهارين جي اچ وڃ وار گٽ بند هجڻ ڪري هنن مغوين کي ڇڏي ڏنو ۽ پوليس مغوين کي باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.مغوين جي بازياب ٿيڻ تي گهر ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي.هوڏانهن ذريعن موجب مغوي ڊيل تحت بازياب ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.