ٺل ويجهو قتل ڪيل معصم نينگر جا قاتل گرفتار نه ٿيا، احتجاج

ٺل (ن ع آ) ٺل تعلقي جي ڳڙھي حسن ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلشير ڪنڊراڻي جي مدرسي ۾ 6 مهينا اڳ بدفعلي بعد قتل ڪيل نينگر  مظفر سومرو جي خون ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف وارثن ۽ جسقم ٺل جو اڳواڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن جي اڳواڻي ماما شمن سومرو، وسيم قريشي، مقتول جي امڙ پياري خاتون ۽ ٻين ڪئي، مظاهرو ڪندڙن چيو ته ڇھه 6 مهينا اڳ ڳوٺ گلشير ڪنڊراڻي جي مدرسي ۾ معصوم سان بدفعلي ڪرڻ بعد نينگر مظفر سومرو کي گھٽا ڏيئي ڳچي ۾ رسي وجهي پکي ۾ ٽنگي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي، پوليس بااثر  جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي جيڪب آباد کان گهر ڪئي ته معصوم نينگر جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.‎‎

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.