نصير آباد اسڪول جي عمارت زبون، شاگردن ۾ خوف

نصيرآباد ( ت ر  ) نصيرآباد لڳ ڳوٺ ميانداد چنجڻي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حالي جو شڪار ضلع قمبر شهدادڪوٽ جي تعلقه  نصيرآباد يوسي ميانداد چنجڻي جي ڳوٺ ميانداد چنجڻي جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي بلڊنگ خطرناڪ بڻجي وئي، ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويا، اسڪول جو اسٽاف توڙي شاگرد خوف ۾ مبتلا ٿي ويا، اسڪول جي استاد افضل احمد چنجڻي مطابق ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب شاگردن سان گڏ اسان کي اسڪول ۾ پڙھائيندي خوف محسوس ٿي رهيو آهي، جنهن سبب اسان شاگردن کي ٻاهر سردي ۾ پڙھائڻ تي مجبور آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.