مٺي ۾ٽيڪس نه ڏيندڙن خلاف ڪارروائي، ڪيترائي گدام سيل

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)مٺي ۾ ايف بي آر جي ٽيمن پاران کنڊ جي گدامن توڙي دڪانن تي ڇاپا هڻي بنا ٽيڪس ادا ڪرڻ جون ٻورين  تي ٽڪليون هن هجڻ واريون اٽڪل ٽي سئو کان به وڌيڪ کنڊ جون ٻوريون هٿ ڪري ورتيون آهن واپاري نارائڻ داس ريواچند لوهاڻو. سيٺ ليکراج مهيشوري. ڌرم داس لوهاڻو ۽ ٻيا پڻ شامل آهن جن جا گدام ۽ دڪان سيل ڪيا ويا آهن. اهڙي ڪارروائي ايف بي آر اسلام اباد جي انچارج طارق شيخ. حيدراباد جي ڊي جي انٽيليجنس پير خالد ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر ممتاز علي ٿيٻو پنهنجي ٽيم سميت پهچي ڪئي. جنهن دوران دڪاندارن ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ايف بي آر اسلام اباد جي انچارج طارق شيخ چيو ته اسان ڪالهه کان وٺي غير قانوني طور تي ٽيڪس چوري ڪري بنا ٽڪلين جي کنڊ جون ٻوريون پڪڙيون آهن ۽ اڃان ڪارروايون هلندڙ آهن ۽ اهو ٽيڪس چوري جو ڏوهه آهي ۽ شگر ملن سميت بروڪرن توڙي دڪاندارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ جيڪي به هن ٽيڪس چوري جي ڪاروبار ۾ ملوث ھوندا انهن تي ڏنڊ ۽ سزا به ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ٽيڪس چوري ڪري قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ ھڪ ڏوهه آهي. عوام کي به گهرجي ته اهي اهڙن ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻھن خلاف اسان کي اطلاع ڏين ته جيئن اهڙين مافيائن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.