بڊاڻي واسي مغوي نوجوان هڪ هفتي کان آزاد نه ٿي سگهيو، وارثن جو احتجاج

بڊاڻي( رپورٽ :مقبول مڙل) بڊاڻي ويجهو گبلو ٿاڻي جي حد ۾ هڪ هفتو اڳ نامعلوم هٿياربند پاران اغوا ٿيل پورهيت زبير احمد ڀٽو هن ٽائيم تائين بازياب نہ ٿي سگهيو اغوا ٿيل پورهيت جي وارثن سهيل احمد ڀٽو خليل احمد ڀٽو امام دين ڀٽو غلام حيدر ڀٽو بخشاپور ايٽ بڊاڻي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته هڪ هفتو اڳ زبير احمد ڀٽو گلزار احمد مزاري ۽ شبير مزاري سان گڏ پنهنجي ڪچي واري زمين تي ستل هيو ته هٿياربند هٿيارن جي زور تي ٽِن ماڻهن کي اغوا ڪيو جڏهن ته رستي ۾ شبير احمد مزاري ۽ گلزار مزاري کي هٿياربند ڇڏي اسان جي نوجوان زبير احمد ڀٽو کي اغوا ڪري فرار ٿي ويا اطلاع بعد هد جي ٿاڻي گبلو تي اين سي داخل ڪئي پر هن ٽائيم پوليس اسان جي نوجوان زبير احمد ڀٽو کي بازياب نه ڪر سگهي آهي وارثن احتجاج ڪندي آءِ  جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور کي اپيل ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي اغوا ٿيل زبير احمد ڀٽو کي بازياب ڪرائي بيچئني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ بخشاپور انڊس هائوي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.