لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي ڊفينس جي هڪ اسڪول ۾ مبينا طور نشي کان روڪڻ تي ڇوڪرين جي هڪ گروپ ساٿي شاگردياڻي کي تشدد جو نشانو بڻائي ڇڏيو، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
سوشل ميڊيا تي سامهون ايندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڇوڪرين جي هڪ گروپ پنهنجي ساٿي شاگردياڻي کي زمين تي ليٽايو آهي ۽ پاڻ مٿان ويهي کيس تشدد جو نشانو بڻائي رهيون آهن، ان دوران اتي موجود ٻيا ماڻهو وڊيوز ٺاهيندا رهيا.
The video of torture on a student in a private school in Lahore has gone viral pic.twitter.com/UceO4XclHV
— Awami Awaz Offical (@awamiawazsindhi) January 20, 2023
ٻڌايو پيو وڃي ته اهو واقعو ڊفينس جي هڪ نجي اسڪول ۾ پيش آيو آهي، تشدد جو نشانو بڻجندڙ ڇوڪري مبينا طور ساٿين کي نشي کان روڪيو، جنهن سبب تڪرار ٿيو.
واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي.
ڊفينس ٿاڻي ۾ داخل ڪرايل ايف آءِ آر ۾ متاثر ڇوڪري جي پيءَ عمران موقف اختيار ڪيو آهي ته منهنجي ڌيءَ کي ڪلاس فيلو جنت، ان جي ڀيڻ ڪائنات، عمائما ۽ نور رحمان تشدد جو نشانو بڻايو.
ايف آءِ آر ۾ الزام هنيو ويو آهي ته متاثر ڇوڪري کان سون جي چين به کسي وئي، جنت نشي جو شوق رکندي هئي ۽ فريادي جي ڌيءَ کي به نشي ۾ ملوث ڪرڻ چاهيندي هئي.