عالم کي ڊيزل، خبيث ۽ منافق جهڙا لفظ چوڻ بابت فتويٰ جاري

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور جي عالمن ديني عالم کي ڊيزل، خبيث ۽ منافق جهڙا لفظ چوڻ بابت فتويٰ جاري ڪري ڇڏي.

خيبر پختونخواهه جي قبيلائي ضلعي خيبر جي علائقي جمرود جي هڪ رهواسي منير عالمن کان ان بابت پڇا ڪئي هئي.

منير طرفان سوال ڪيو ويو ته ڪو ماڻهو عالم کي سياسي لحاظ سان ڊيزل، خبيث ۽ منافق چئي ته شريعت جو ڇا حڪم آهي؟

جوابي طور ان فتويٰ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل لفظ گستاخي آهن، عالمن کي ائين چوڻ نه رڳو گمراهي آهي پر ڪفر ٿيڻ جو به انديشو آهي.

فتويٰ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل شخص تي لازمي آهي ته هو سچي دل سان اعلانيل توبهه ڪري، جيستائين هو توبهه نه ڪري، ان سان دوستاڻا لاڳاپا نه رکجن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.