ٻڊا آشرم جي مرمت ۾ لاپرواهي خلاف احتجاج جو چتاءُ

شڪارپور (رپورٽ : ذوالفقار مگسي ) گذريل ڏينهن وارث ميڊيڪل سينٽر ڪڙي عطامحمد شڪارپور ۾ لا لا ساجد جي ميزباني هيٺ  شڪارپور سول اسپتال جوڙائيندڙ راءُ بهادر اڌوداس تارا چند ڇاٻڙياجي 80 هين ورسي مناسبت سان ايم ايس ڊاڪٽر نادر پنهور جي صدارت هيٺ ميڙاڪو ٿي گذريو، جنهن ۾ گڏيل ٺهراءُ منظور ڪندي آرٽس ڪائونسل، سامي ڪلچر ڪامپليڪس ۽ اجرڪ ڪلب رڳو ڪاغذن ۾ ڏيکاري ڪروڙن جون بجيٽون هڙپ ڪندڙ ثقافت کاتي پاران ٻڌا آشرم جي قبضي ملڻ باوجود مرمت واري ڪم ۾ سستي ۽ لاپرواهي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر بجيٽ رکيل زبون حال عمارت ۾جو مرمتي ڪم شروع نه ڪيو ويو ته گهڻ ۽ رخو ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو . ان موقعي تي ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽر نادر پنهور اهو کليل اعتراف ڪيو ته 80 سال گذرڻ باوجود اڄ تائين شڪارپور اوڌو داس جهڙو شخص پيدا نه سگهيو آهي، جنهن ايندڙ 100 سال جي ضرورتن کي آڏو رکندي هڪ زبردست صحت گهر جوڙايو جنهن کي امڪاني قدرتي آفتن کان بچائڻ لاءِ هن اڳواٽ رٿابندي ڪئي هئي، شڪارپور بچايو تحريڪ جي چيئرمين الاهي بخش شيخ، هندو و ڪميونٽي جي مها پرش ريوا چند. سماجي اڳواڻ پرويز ابڙو، پروفيسر پرڪاش لال، ڪالميسٽ ۽ شاعر حسام ميمڻ، ڪالميسٽ نسيم بخاري ۽ ٻين اڌوداس تارا چند ڇاٻڙياجي کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. شاعر سرفراز صدف جي صدارت ۾  اوڌوداس جي ياد ۾ مشاعرو ٿيو جنهن ۾ هن انقلابي ۽ اصلاحي غزل پيش ڪيا ويا. جڏهن ته جهوني شاعر صابر نعيم الله قريشي اوڌوداس ۽ سندس اسپتال جي پسمنظر ۾ تخليق پڙهي ۽ سنڌ جي مشهور شاعر عبدالجبار عاجز منگي انگريز راڄ ۾ هندن پاران جوڙايل تعليم, صحت ۽ تفريح جي حوالي سان موجود ادارن کي منظوم ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي عابد نياز ميمڻ، نظير ڊيهو، ڪاشي ميمڻ، ساگر حسن، عابد حسين سومرو، اظهر آزاد مغل، غلام حيدر عباسي، مسرور مصطفيٰ، نظر محمد شيخ، علي دوست مستانو، زبير ساجن ۽ ٻين پڻ تخليقون پڙهي حاضرين جو دليون کٽي ورتيون. جڏهن ته نصير نماڻو ۽ علي حسن سومرو سريلي آواز ۾ گيت ۽ غزل ڳائي محفل لُٽي ورتي تقريب ۾ ڊاڪٽر گهنشام داس، ڊاڪٽر ماجد سومرو، ڊاڪٽر طفيل هڪڙو، پيراميڊيڪل اڳواڻ اعجاز ڪاڪيپوٽو، صحافين؛ عديل علوي، محبوب بلوچ، اشرف علي ڀٽو، عابد حسين سولنگي، سليم سومرو، سهيل سنجراڻي، جي يو پي اڳواڻن مسعود احمد قادري فضل الله نوراني   سميت غلام علي گل ميمڻ، انور سومرو، امتياز منگي، راجيش ڪمار، رميش لال، عمران ڪلهوڙو، ڀڳت راءِ، منير سولنگي، مظفر علي گڏاڻي پڻ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.