سکر مقابلا، 3 همراهه هاف فراءِ، پوليس پاران مقابلي جي دعويٰ

سکر ( رپورٽر )سکر پوليس ٽن ڌارا ڌار مقابلن ۾ ٽن ملزمن کي زخمي ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. سکر پوليس جي ترجمان پاران جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آھي ته اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس گرم گودي واريءَ علائقي  ۾ ڏوهارين مقابلو ڪري عدنان بتو اعواڻ نالي ملزم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو. سي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس لئنڊسڊائون پل وٽ موٽر سائيڪل جي چيڪنگ دوران مقابلي ٿي پوڻ جي صورت ۾ حذيفه ميمڻ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو جڏهن ته بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس مقابلي ۾ راشد عباسي نالي ملزم کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي. ٽنهي زخمين کي سول اسپتال سکر علاج لاءِ داخل ڪيو ويو آهي. جڏھن ته ٽنهي ڄڻن کان سندن 2-2 ساٿي فرار ڄاڻايا ويا آهن، ڳولا جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.