سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 119 هين سالگره قومي جوش سان اڄ ملهائي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ ايس يو پي، جسقم (ب)، جسقم (آريسر)، جيئي سنڌ محاذ طرفان ڌار ڌار جلسا رٿيل آهن جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به ڀيٽا پيش ڪئي وئي آهي.
ٽوئيٽر تي سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ سائين زين شاهه پوسٽ ڪئي جنهن ۾ مشعل کڻي سن وڃي رهيا آهن.
سائين جي ايم سيد جي 119 سالگراھ جي موقعي تي#HBDSainGMSyed pic.twitter.com/3IMhcvmCva
— Sayed Zain Shah (@Sayed_ZainShah) January 16, 2023
مشهور ٽڪ ٽاڪر اقصا ڪينجهر جمالي به پوسٽ ڪندي لکيو ته اُهو ماڻهو جيڪو سنڌ جي خوشحالي آڻڻ لاءِ وڙهيو.
#HBDSainGMSyed! The man who fought for Sindh to regain its lost glory. pic.twitter.com/OUxNHvKGCT
— Aqsa Kinjhar Leela Jamali (@AqsaLeelaJamali) January 17, 2023
ٽوئيٽر واهپيدار غني امان لکيو ته سائين جي ايم سيد تاريخ جو اهو سچ آهي جنهن کان ڪڏهن به انڪار نٿو ڪري سگهجي.
خالد حسين ڪوريءَ سائين جي ايم سيد جا لفظ ورجائيندي لکيو ته زندگي جو هر لمحو قيمتي سمجهيو وڃي ۽ اهو نفسياتي خواهش کان آجو ڪجي ۽ ان کي انساني بهتري لاءِ ڪم آڻيو وڃي.
سائین جي ايم سيد تاريخ جو سچ آھي جنھن کان ڪڏھن به انڪار نٿو ڪري سگهجي.#HBDSainGMSyed pic.twitter.com/zCYV6rDnAp
— Ghani Aman (@GhaniullahA) January 16, 2023
Every moment of life should be considered precious and it should be freed from psychological desire and brought for the betterment of the human race.
-Sain GM Syed#HBDSainGMSyed pic.twitter.com/HNuN4PEPFs
— khalid hussain kori (@khalidkoree) January 17, 2023
صحافي ۽ ولاگر منصور نثار ٻرڙو لکيو ته مون پنهنجي ڄمار ۾ ٻن هنڌن تي ماڻهن جو انگ هر سال وڌندي ڏٺو آهي هڪ ماتمي جلوسن مجلسن ۾ ٻيو سن ۾ سيد جي ورسي ۽ سالگرهه ميڙاڪن ۾ … هڪ حقيقت اها به آهي ته شيعن توڙي سيد جي پيروڪارن ٻنهي مٿان ظلم به تمام گهڻو ٿئي ٿو.
سائين جي ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي سحر شاهه رضوي فيس بوڪ تي پنهنجي ڀاءُ سان نڪتل تصوير پوسٽ ڪئي جنهن ۾ هن پنهنجي ڀاءُ جي وحشياڻي قتل تي لکيو ته سنڌ جي نڌڻڪي سحر ۽ نڌڻڪو پارس.
شاگرد تنظيم پروگريسو اسٽوڊنٽ ڪليڪٽو جي مرڪزي صدر ورثا پيرزادو سائين جي ايم سيد جي هڪ ڪتاب مان مکيا نوٽس شيئر ڪيو ۽ ملڪ جي موجودا سياسي، معاشي بحران جي اهم ڪارڻن ڏانهن اشارو ڪيو.
شيرين اسد، سنڌو نواز گهانگرو، عاقب نقوي ۽ ٻين ڪيترين ئي سوشل ميڊيا واهپيدارن ڀيٽا پيش ڪئي.