احمدپور ڀرسان پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حال، احتجاج

احمدپور ( ن ع آ) احمدپور لڳ پرائمري اسڪول جي عمارت زبون شاگرد وڻ هيٺان ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور ڳوٺاڻن ۽ شاگردن جو اسڪول جي نئين عمارت ڏيڻ لاءِ احتجاج رپورٽ موجب احمدپور لڳ ڳوٺ گل حسن ڪورائي جي پرائمري اسڪول جي عمارت برساتن سبب مڪمل طور تي تباھ ٿي وئي ڇتين ۾ ڏار پئجي وڃڻ ڪري چاپڙ ڪري رهيا آهن ڇتن جي ڪرڻ جي خوف سبب شاگرد اسڪول جي اڱڻ ۾ وڻ هيٺان ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن  بلاول ڪورائي شبير ڪورائي امام دين ڪورائي ۽ ٻين شاگردن سان گڏجي سخت احتجاج ڪندي چيو ته سندن اسڪول جي بلڊنگ تمام پراڻي هجڻ ڪري 5 مهينا اڳ پيل تيز برساتن سبب سڄي عمارت هنڌان هنڌان ٽٽي تباھ ٿي وئي آهي، ڪمرن جي ڇتن مان روزانو چاپڙ ڪري رهيا آهن جنهن ڪري ڇتين جي اوچتو ڪرڻ جي خوف سبب شاگرد سخت سردين ۾ وڻ هيٺان ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، ضلعي انتظاميه ۽ اسڪولن جي آفيسرن کي بار بار چيو آهي ته اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي پر تنهن باوجود ٻڌي اڻ ٻڌي ڪئي پئي وڃي، اسڪولن جي مرمت لاءِ نئين آيل مرمتي  ٽينڊر ۾ به سندن اسڪول جو نالو شامل نه ڪيو ويو آهي، هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي سندن اسڪول جي عمارت جو ڪم ڪرائي شاگردن جي تعليم کي تباھ ٿيڻ کان بچايو وڃي

ميرپورخاص:پوليو مهم جي بائيڪاٽ تي ليڊي هيلٿ ورڪرز ۾ ڌڙابندي

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) پوليو مهم جو صرف ميرپورخاص ۾ بائيڪاٽ ڪرائڻ جي ڪوشش تي ليڊي هيلٿ ورڪر ۾ ڌڙا بندي، ليڊي هيلٿ ورڪرن جو وڏو انگ ڊيوٽين تي پهتو، ڊيوٽين تي پهتل ليڊي هيلٿ ورڪرن کي ڊيوٽيون نه ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھڻ جو ڪمشنر ۽ ڊي سي نوٽيس ورتو، صحت کاتي جي ڪامورن جو هنگامي اجلاس طلب سخت ڪاروائي ڪرڻ  قومي ڪاز کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف ڪرمنل ۽ کاتي جي ڪاروائي ڪرڻ جو چتاءُ. تفصيل موجب ميرپورخاص جي ليڊي هيلٿ ورڪر جي هڪ گروپ پاران پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري مهم کي ناڪام بنائڻ لاءِ پوليو مهم ۾ شريڪ ليڊي هيلٿ ورڪرن کي ڪم نه ڪرڻ ۽ واپس آفيس اچڻ لاءِ فون ڪرڻ جون ڪمشنر ميرپورخاص سيد اعجاز علي شاه جي هدايتن تي ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص سخت نوٽيس وٺندي صحت کاتي جي ڪامورن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن جو هنگامي اجلاس طلب ڪري صحت کاتي جي ڪامورن ۽ اڳواڻن کي سخت ڇنڊ پٽيندي پوليو مهم کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو آهي .ذريعن موجب ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص زين العابدين پاران پوليو مهم کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۽ هر حال ۾ پوليو مهم کي ڪامياب بنائڻ لاءِ طلب ڪيل اجلاس جيڪو رات لڳ ڀڳ 8 وڳي تائين جاري رهيو ان اجلاس ۾ صحت کاتي جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر، اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرن سميت پيراميڊيڪل اسٽاف جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص پوليو مهم کي ناڪام بنائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ ملوث اڳواڻن کي سخت ڇنڊ پٽيندي کين بنا ڪنهن وجھ جي صرف ميرپورخاص ۾ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪرڻ کي قومي ڪاز ۽  ملڪ جي مستقبل جي حياتين سان کيڏڻ جي برابر قرار ڏيندي ليڊي هيلٿ ورڪرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي پنهنجين صفن ۾ موجود ڪارين رڍن کي وائکو ڪرڻ ۽ بنا ڪنهن سبب جي  ليڊي هيلٿ ورڪرن جي چند اڳواڻن پاران ڪيل بائيڪاٽ کي ختم ڪري پوليو مهم ۾ پنهنجو فرض ايمانداري سان ادا ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندي واضع ڪيو ته صحت کاتي جي جنهن به ملازم هن قومي ڪاز کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ان خلاف کاتي جي ڪاروائي سان گڏ ڪرمنل ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.