مٺي ۾ آر او پلانٽ جي ملازم جو آپگهات وارو معاملو ڳجهارت بڻيل

مٺي(بيوروچيف) مٺي تعلقي جي ڳوٺ ڀوريلو ۾گذريل ڏينهن گهرن ويجهو وڻ ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪندڙ 26سالا نوجوان تلوڪ پٽ سومار ميگهواڙ پاران خودڪشي ڪرڻ جو سبب سامهون نه اچي سگهيو آهي، پوليس معاملي جي جاچ ڪرڻ بدران نوجوان جو دماغي توازن درست نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي فارملٽي پوري ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته شوشل ميڊيا تي نوجوان کي مقامي بااثرن پارن آپگهات تي مجبور ڪرڻ جون افواهون به گردش ڪرڻ لڳيون آهن، نوجوان ڳوٺ ۾ آرو پلانٽ هلائيندو هو جنهن کي مقامي بااثرن پاران زبردستي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو هو، ڳوٺاڻن موجب نوجوان نوڪري مان فارغ ٿيڻ بعد اڪثر مايوس رهندو هو ۽ ڳوٺاڻن وٽ دانهيندو رهيو ته مونکي زبردستي ملازمت کان محروم ڪيو ويو آهي مون سان ناانصافي ٿي آهي مونسان انصاف ڪيو، ۽ مقامي ماڻهن وٽ بار بار دانهڻ باوجود تدارڪ نه ٿيڻ سبب نوجوان تلوڪ ميگهواڙ مجبور ٿي ٿرڪول ۾ ملازمت شروع ڪئي هئي، آپگهات وقت هو ٿرڪول جي ملازمت کان موڪل تي آيل هو، ٻي پاسي ڪجھ ڳوٺاڻن نوجوان جي خودڪشي جو سبب غيرت ڄاڻايو آهي، ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪنهن پاڙيسري پاران کيس اخلاق کان ڪريل طعنا ڏنا ويا هئا جنهن ڪري هن آپگهات ڪيو آهي يادرهي ڳوٺاڻن جي ڳالهين مان پتو پيو آهي ته نوجوان دماغي طور بلڪل چڱو ڀلو هو جنهن جي خودڪشي جو سبب سماجي بدنامي يا ملازمت جو کسجي وڃڻ لڳي ٿو.، پوليس پاران ڄاڻايل سبب غلط آهي نوجوان چريو هجي ها ته خاندان جو پيٽ پالڻ لاء آرو پلانٽ تي ملازمت ڪيئن ڪري ها ۽ اتان فارغ ٿيڻ بعد ٿرڪول تي نوڪري ڇو ڪري ها، ڳوٺاڻن وڌيڪ اهو به ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن نوجوان دماغي طور چريو هو ته ٿر ڪول انتظاميا ان کي نوڪري تي ڪيئن لڳايو، پوليس کي گهرجي ته نوجوان جي خودڪشي واري معاملي جي جاچ ڪري نوجوان کي خودڪشي تي مجبور ڪندڙ ڌرين خلاف ڪاروائي ڪري،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.