بلديا ٽائون ۾ پرزائيڊنگ آفيسر جي اغوا جي ڪوشش

ڪراچي (رپورٽر )بلديا ٽائون يوسي 13 جي پولنگ اسٽيشن نمبر 1 تان پرزائيڊنگ آفيسر ڊاڪٽر سميع جي مبينا اغوا جو معاملو ،  ڪجهه شرپسندن ڊاڪٽر سميع کي اغوا ڪرڻ چاهيو، پوليس بروقت پهچي کيس بازياب ڪرايو. پولنگ اسٽيشن ٻاهران پي ٽي آءِ ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن وچ ۾ ڇڪتاڻ تي پوليس اهلڪارن ڪنٽرول ڪري ورتو، ڪجهه ماڻهو مون کي اغوا ڪري پوليس وٽ وٺي ويا ۽ مون تي سخت تشدد ڪيو، پرزائيڊنگ آفيسر پوليس کي بيان ڏنو ته هنن مون کي ٿوري فاصلي تي زخمي ڪري ڇڏيو، پستول جي بٽ سان منهن تي ڌڪ هنيو، هنن مون کي ڌمڪيون ڏيڻ لاءِ چيو، جڏهن مون انڪار ڪيو ته ڏمرجي پيا،پوليس پرزائيڊنگ آفيسر جي بيانن ۽ حالتن جي ثبوتن جي جاچ ڪندي شرپسندن جي نشاندهي ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.