ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان نسيم آباد فارم لڳ 24 ورھين جي نوجوان اڪبر ولد شبير ڪپري پاران پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات جي ڪوشش ڪئي، نوجوان کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو، جتان طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد نيو پي ويو ته رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. فوتي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته نوجوان جو والد شبير ڪپري ھڪ ڏينھن اڳ گذاري ويو ھو، نوجوان والد جي لاڏاڻي تي گهڻو ڏک ۾ ھو ۽ ھن سندس والد جو وڇڙڻ جو صدمو برداشت نه ڪندي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگھات ڪيو آھي. ھوڏانھن نوجوان جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.