” مقابلو سخت ۽ وقت گهٽ آهي، عمران خان جي سياست کي ختم ڪنداسين“

پشاور (ويب ڊيسڪ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ڪي پي مستقبل ۾ جي يو آءِ حڪومت جو منتظر آهي، اهم سياسي شخصيتن جي يو آءِ ۾ شموليت جاري آهي جنهن مان واضح آهي ته حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن.

پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جو عوام جي يو آءِ سان خاص لڳاءُ رکي ٿو، هي هڪ خاندان جي شموليت جو فيصلو نه پر عوام جو رويو ٻڌائي رهيو آهي ته مستقبل ۾ ڪي پي ۾ جي يو آءِ جي حڪومت هوندي.

هن چيو ته عمران خان پنهنهن آقائن جي ايجنڊا مڪمل نه ڪري سگهيو، عمران خان پرڏيهي قوتن جي ايجنڊا پوري ڪرڻ چاهي پيو.

هن پي ٽي آءِ چيئرمين کي مخاطب ڪندي چيو ته رڳو تون ايماندار، ٻيا چور ته پاڪستان جي دوستن توتي يقين ڇو نه ڪيو؟ تون حڪومت ختم ٿيڻ بعد پاڻ کي مظلوم ثابت ڪرڻ لاءِ ڪاغذ هوا ۾ لهرائي ڪوڙيو بنيانيو گهڙيو.

هن وڌيڪ چيو ته مقابلو سخت ۽ وقت گهٽ آهي، عمران خان ۾ فيصلي جي سگهه ناهي، اسيمبلي ٽوڙي ٿو ته جلد ٽوڙي، چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪنداسين، پي ٽي آءِ چيئرمين جي سياست ختم ڪنداسين.

You might also like
1 Comment
  1. علي بروھي / Ali Brohi says

    ” مقابلو سخت ۽ وقت گهٽ آهي، عمران خان جي سياست کي ختم ڪنداسين“
    "پشاور ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نامولا مُلِيۡ فضل الرحمان جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا جو عوام ”جي يو آءِ“ سان خاص لڳاءُ رکي ٿو، هي هڪ خاندان جي شموليت جو فيصلو نه پر عوام جو رويو ٻڌائي رهيو آهي، ته مستقبل ۾ ڪي پي ڪي ۾ ”جي يو آءِ“ جي حڪومت هوندي.”، ھوا خارج
    ”ڪراچيءَ ۾مڪاني چونڊون: ”جي يو آءِ“ جو پ پ پ تي ڌانڌليءَ جو سنگين الزام“
    ”سنڌ ۾ ٿيل مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي جي حوالي سان جمعيت علماءَ اسلام ( ف) وفاق ۾ پنهنجي اتحادي جماعت پيپلز پارٽي تي ڌانڌليءَ جو سنگين الزام مڙهي ڇڏيو آهي.“
    ”جي يو آءِ“ (ف) جي اڳواڻ قاري عثمان پ پ پ تي ڌانڌليءَ جو وڏو الزام لڳائيندي چيو ته مڪاني چونڊون 24 جولاءِ 2022ع کان ملتوي ڪندي ڪندي، 15 جنوريءَ تي ڪرايون ويون،
    ”هن چيو ته سنڌ سرڪار رڳو ڏيکاءُ لاءِ مڪاني چونڊون ڪرايون، ڪياماڙي ۾ سڀ ڪجهه پهريان کان طئي ڪيو ويو هو، يونين ڪائونسل 8 ۾ چيئرمين جي اميدوار کي ڌانڌلي ڪندي پڪڙيو ويو، ماڙيپور يوسي 3 ۾ عورتن جي پولنگ اسٽيشنز تان ٺپا گم آهن.“، پوءِ گڏ کائي رھيا آھيو؟؟؟
    ”جي يو آءِ ف جي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته پهريان به چوندا هئاسين ته سنڌ جي حڪمران پارٽي سڀ ڪجهه طئي ڪري چڪي آهي، ائين نه ٿئي جو سموريون جماعتون اسان سان گڏجي چونڊون رد ڪري ڇڏين، هر يونين ڪائونسل ۾ ڌانڌلي جي شڪايت ملي رهي آهي.“، بلڪل سچ آھي!!!
    سڀيئي ملا وڏا منافق دين جا دشمن: ”ڦريا پسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو، دنيا ڪارڻ دين وڃائي ولھا ٿيا“ ملا فڏلو وڏو مڃيل منافق آھي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.