ٽنڊو آدم۾پوليس جون ڪارروايون، 15 جوابدار گرفتار، منشيات هٿ

ٽنڊو آدم (ن ع آ ) ٽنڊو آدم سٽي پوليس جا ڇاپا 15 جوابدار گرفٿار لکين رپيا ماليت جي منشيات ، هڪ ڪار، سونا زيور ۽ روڪ رقم برآمد  ڪرڻ جي دعوا رپورٽ ٽنڊو آدم سٽي پوليس جي ايس ايڇ او طفيل احمد ڀٽو مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي 15 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آھي ڪارواين دوران 7 جوابدار شاهزيب مڪراڻي، گلشير جوڻيجو، گنيش ميگهواڙ، علي رضا راجپوت، سهيل سومرو ، جلال الدين جوڻيجو ۽ غلام قادر عرف نعمان انصاري کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 4125 سفينا گٽڪو جون پڙيون ۽ 150 ڪلو گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ ماوا برآمد ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.