سنڌ جو پئسو ۽ ڪڻڪ وڏا کائي ويا

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ ڪڻڪ ۽ بارداڻي جي ورڇ ۾ ڪرپشن واري معاملي جي جاچ رپورٽ ٽن هفتن ۾ طلب ڪري ورتي آهي ، چيف جسٽس چيو آهي ته سنڌ جو پئسو ۽ ڪڻڪ وڏا کائي ويا، فائدو وٺندڙن جي در تائين به ڪير نٿو وڃي سگهي، نيب جا به پر سڙي وڃن ٿا.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ ۽ جسٽس عمرسيال تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ  لاڙڪاڻي ۾ بارداڻي ۽ ڪڻڪ جي ورڇ ۾ مبينا گهوٻين جي الزام هيٺ آيل ڊسٽري بيوشن انچارج منير جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي . رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته سنڌ جو پئسو ۽ ڪڻڪ وڏا کائي ويا، جِن فائدو ورتو، اُنهن جي در تائين به ڪير نٿو وڃي سگهي.چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنهن ۾ همت آهي جو اُنهن ماڻهن جي درن تائين وڃي، نيب جا به پر سڙي وڃن ٿا. عدالت نيب کي ڊسٽرڪٽ مجسٽريٽ سان گڏ ڪڻڪ جي گودامن جي دورو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ جاچ مڪمل ڪري ٽن هفتن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.