رپورٽ:سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آصف علي زرداري جي آزادي لاءِ احتجاج، ريليون

 

عوامي آواز رپورٽ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آصف علي زرداري جي آزادي لاءِ احتجاج، ريليون
عوامي آواز رپورٽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آصف علي زرداري جي آزادي لاءِ احتجاج، ريليون
سنڌ جي ٻين شهرن جيان جهڏي ،  پکو ۽ هالاڻي ۾ به اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ريليون ڪڍيون ويون.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نيب هٿان گرفتاري خلاف پيپلزپارٽي جهڏو جي سڏ تي مير حسن دونڪائي، ميرعرفان ٽالپر، اسلم قائمخاني، شاهنواز انڙ، نياز ڀنڀري، عمران کوسي، همايون قائمخاني ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي.

شاهي بازار، انور عادل مارڪيٽ، محمدي مارڪيٽ، اسٽيشن روڊ، فتح مارڪيٽ، سبزي مارڪيٽ ۽ ريشم گهٽي  سميت شهر جا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز مڪمل طور بند رهيا.

مظاهرو ڪندڙن  مٺي__ميرپورخاص مين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

 ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهرين آصف علي زرداري سان محبت جو ثبوت ڏيندي احتجاجن ڪاروبار بند ڪيو آهي.

 هنن چيو ته وفاقي حڪومت نيب گردي ذريعي مخالف ڌر جي اڳواڻن کي گرفتار پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ چاهي ٿي.

پکو ۾ ڪارڪنن عابد حسين ، رئيس اڪبر،  دين محمد ،  لالا خميسي خان مغيري ،  راڻو ڀائي  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھٿن ۾ بينر ۽ جھنڊا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي .

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ  وزيراعظم عمران خان آمريت جي پيدوار آهي.

هنن چيو تھ  وفاقي حڪومت انتقامي  ڪارروائي طور آصف علي زرداري کي گرفتار ڪيو آهي جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.

 هنن نيب چيرمين خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته نيب کي رڳو سياسي مخالفن خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي.

هنن مطالبو ڪيو تھ  آصف علي زرداري کي جلد آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ جيالا  اسلام آباد جو رخ ڪندا.

 ھالاڻي ۾ اڳوڻي، صدر  آصف علي زرداري جي گرفتاري خلاف پ پ ايم اين اي سيد ابرار علي شاھ جي پٽ پ پ اڳواڻ سيد عاقل شاھ، ذوالفقار اعواڻ، ارشاد سھتي، طاھر نانگراج،  ماجد گرماڻي،  آفتاب ملاح  ۽ بين جي اڳواڻي ۾ احٽجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تھ پي ٽي آئي حڪومت انتقامي ڪاروايون ڪري مخالف ڌر جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرائي رهي آهي.

هنن چيو تھ  عمران نيازي جي پنھنجي ڀيڻ علميه نيازي،  جھانگير ترين،  فيصل واوڊا ۽  پرويز خٽڪ تي نيب ڪيس آھن پر نيب ۽ حڪومت جي ڳٽ جوڙ سبب نيب انھن  کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن مطالبو ڪيو تھ آصف علي زرداري کي فورن آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احٽجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو………………

*******

You might also like