نيلم واديءَ ۾ طوفاني برسات ۽ ٻوڏ سبب 23 ڄڻا فوت

مظفر آباد ( ويب ڊيسڪ ) مظفر آباد جي نيلم وادي ۾ ليسوا وٽ طوفاني برسات ۽ ٻوڏ جي وهڪري تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 23 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا ۽ ڪيترائي گم ٿي ويا. آزاد ڪشمير جي علائقي ليسوا ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ندين ۽ نالن ۾ ٻوڏ اچي وئي جنهن سان مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو جڏهن ته موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ٿي وئي. ٻوڏ جي وڪڙ ۾ اچڻ سبب ڪيترائي گهر لڙهي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو گم ٿي ويا. ڊي سي نيلم، ايس ڊي ايم ۽ پوليس جون ٽيمون متاثر علائقن ۾ پهچي ويون ۽ متاثر علائقن مان نقصان جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ايس ڊي ايم اي سعيد الرحمان قريشي 23 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي  ٻڌايو ته ٻوڏ جي وهڪري ۾ ڪيترائي ماڻهو گم ٿيڻ جا اطلاع آهن ۽ ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويا آهن. هن چيو ته نقصانن جو اندازو لڳايو پيو وڃي ۽ گم ٿيل ماڻهن جي تعداد جي فيصلي ۽ ڳولا جو ڪم پڻ شروع ڪيو ويو آهي، تبليغي جماعت جا ڪجهه ماڻهو به گم ٿيل ماڻهن ۾ شامل آهن. هن چيو ته ٻن گهرن تي وڄ ڪري آهي ۽ ٻه مسجدون به ٻوڏ جي وڪڙ ۾ اچي ويون جتي ماڻهو ڦاٿل آهن.