ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو بجلي ڏيڻ جي منظوري…

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڪراچي ۾ بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قومي گرڊ کان ” ڪي اليڪٽرڪ“ کي 150 ميگا واٽ واڌو بجلي جي فراهمي جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ميڊيا جي رپورٽن موجب ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس وزير اعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار، اقتصادي معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ مختلف دويزنن طرفان تجويزن ۽ سفارشن تي بحث ۽ مباحثو ٿيو ۽ ڪيتريون ئي منظوريون ڏنيون ويون.

ڪميٽي ڪراچي ۾ بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قومي گرڊ کان ” ڪي اليڪٽرڪ“ کي 150 ميگا واٽ واڌو بجلي جي فراهمي جي پاور ڊويزن جي تجويز جي منظوري ڏني.

اڳوڻي فاٽا جي 7 قبيلائي ضلعن کي رمضان المبارڪ ۾ واڌو بجلي جي فراهمي جي لاءِ ٽرائيبل اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (ٽيڪسو) کي 1.8 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جي منظوري به ڏني.

پاور ڊويزن طرفان ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته اڳوڻين قبيلائي ايجنسين ۾ گهرو صارفن جي بجلي بلن جي ادائيگي لاءِ حڪومت هر مهيني 1.3 رپين جي سبسڊي فراهم ڪري رهيا آهيون.

اقتصادي رابطا ڪميٽي سعودي فنڊ برائي ترقي گرانٽ جي تحت مختلف منصوبن جي اڏاوت تي ٽيڪس جي ڇوٽ ڏيڻ بابت نئين سر اڏاوت ۽ بحالي واري اٿارٽي جي تجويز منظور ڪري ورتي.

نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي سيڪريٽري ۽ ريسرچ ڪميٽي کي ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن جي حوالي سان بريفنگ ڏني.

هن اجلاس کي ٻڌايو ته پنجاب ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو ڪم صوبائي حڪومت ۽ پاسڪو جي نگراني احسن انداز ۾ جاري آهي.

ڪميٽي مالي سال 19-2018 جي لاءِ 158.5 ارب رپين جي ماليت جي 51 لک 50 هزا ٽن ڪڻڪ جي خريداري جي تجويز جي منظوري ڏني وئي.

سامونڊي معاملن بابت وزارت جي تجويز تي غير منافعي بخش فلاحي ادارن جي طرفان ضرورتمندن ۽ مستحقن جي لاءِ ڪم ڪندڙن تنظيمن جي لاءِ چانورن جي ڪنسائنمنٽس کي اسٽوريج خرچن مان آجو قرار ڏيڻ جي تجويز جي به منظوري ڏني وئي.

اقتصادي رابطا ڪميٽي مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن جي لاءِ ٽيڪنڪي ننڍي ۽ ننڍي گرانٽن جي به منظوري ڏني.

You might also like