ڪهڙو ڊرامو ”عشق مرشد“ جي جاءِ وٺندو؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) نجي ٽي وي جي بلاڪ بسٽر ڊرامي ”عشق مرشد“ڪاميابي کانپوءِ آخري مرحلن ۾ آهي.
عشق مرشد جي مقبوليت جو اندازو ان ڳالهه کان لڳائي سگهجي ٿو ته ڊرامي جي هر قسط کي يوٽيوب تي 15 ملين کان وڌيڪ ويوز ملندا آهن، جڏهن ته ان ٽي وي تي به ٽي آر پي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.
ڊرامي جي آخري قسط 3 مئي 2024 تي نشر ڪئي ويندي، ڊرامي جي ختم ٿيڻ کان پهريان ئي ڏسندڙ اهو پڇيو رهيا آهن ته انکان بعد ڪهڙو ڊرامو نشر ڪيو ويندو؟
نجي ٽي وي پنهنجي هڪ ٻئي ميگا پراجيڪٽ جو اعلان ڪيو ته سجل علي ۽ حمزا سهيل جو ڊرامو
عشق مرشد“ جي جاءِ وٺندو”.
نئين ايندڙ ڊرامي جو نالو ”زرد پتون ڪا بن“ آهي جيڪو مومنا دريد ۽ ڪشف فائونڊيشن جي گڏيل پراڊڪشن آهي.
ڊرامي ۾ سجل علي ۽ حمزا سهيل مرڪزي ڪردار نڀائيندي ڏٺا ويندا، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته نئون ڊرامو عشق مرشد وانگي ٽي آر پيز ۽ ويوز حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو يا نه؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.