خيبر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز خيبر ضلعي ۾ انٽيليجنس ڄاڻ جي بنياد تي آپريشن ڪيو، آپريشن 24 ۽ 25 اپريل جي وچين رات دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان هٿيار ۽ ايمونيشن برآمد ٿيو، آپريشن دوران دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي به تباهه ڪيو ويو، مارجي ويل دهشتگرد علائقي ۾ دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.